20 منگل , نومبر 2018

لاڙڪاڻي مان کنڀيل پورهيت جي آزادي لاءِ وارثن خيما کوڙي ڇڏيا

لاڙڪاڻو ( ڊ ر) لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل پورهيت نوجوان محمد رفيق عمراڻي جي وارثن سندس آزادي لاءِ ايس ايس پي چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي، لاڙڪاڻو پوليس جي ايس پي سٽي بابر جاويد جويا پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون پر احتجاج ڪندڙن ڳالهيون مڃڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان پورهيت کي جلد آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن روشن علي عمراڻي، عبدالطيف عمراڻي، غلام رسول عمراڻي، آصف علي عمراڻي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو نوجوان پاڙي جي دوڪان تي درزڪو ڪم ڪندو هو جتان هڪ ڏينهن اڳ شام ڌاري ڪجهه هٿياربند نامعلوم ماڻهو کيس کنڀي کڻي ويا هئا جنهن جو ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو هنن چيو ته ڪهڙي ڏوهه تحت اسان جي نوجوان کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جڏهن ته  رفيق عمراڻي مٿان ڪو به ڪيس  داخل ناهي نه ئي ڪنهن غلط سرگرمين ۾ ملوث آهي، احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس پريشر ڏيئي رهي آهي پر نوجوان جي آزادي لاءِ ڪير به ڪوششون ناهي وٺي رهيو احتجاج ڪندڙ وزير اعظم عمران خان، چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف کي اپيل ڪئي ته سندن نوجوان رفيق عمراڻي کي آزاد ڪرايو وڃي ڪرايو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج مرڻ گهري تائين جاري رهندو.6

مشتاق زهراڻي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڪراچي ۾ مظاهرو

zنوجوان جي وارثن چيو آهي ته مشتاق زهراڻي بيگناھ آهي، آءِ جي سنڌ ۽ آرمي چيف معاملي جو نوٽس وٺي کيس آزاد ڪرائين. ان حوالي سان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان خانزادي زهراڻي، وائيس آف مسنگ پرسنز جي ڊپٽي ڪوآرڊينيٽر سسئي لوهار، تنوير آريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مشتاق احمد جو ڪو به قصور ناهي پر کيس کنڀي گُم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته نوجوان جو ڪو به ڏوھ جيڪڏهن آهي ته کيس ظاهر ڪيو وڃي. هنن آرمي چيف، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته مشتاق احمد زهراڻي کي آزاد ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل پروفيسر جي آزادي لاءِ ڌرڻو

لاڙڪاڻو ( ڊ ر) لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو جي آزادي لاءِ استادن سماجي اڳواڻ توڙي سندس وارثن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي قاضي الله بچايو، نويد احمد عباسي، علي تنيو، اياز علي ڪلهوڙو، فرمان علي خشڪ، عرفان عباسي، ارشاد احمد عباسي، ذوالفقار احمد سوهو ۽ ٻين چيو ته پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو جي شيخ زيد ڪالوني واري گهر تي نامعلوم هٿيار بند ماڻهن چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي، سندس کي گهريلو قيمتي سامان سان گڏ کنڀي کڻي ويا آهن، جڏهن ته پروفيسر هڪ استاد هجڻ سان گڏوگڏ محب وطن پاڪستاني پڻ آهي، هنن چيو ته اسان هٿياربندن پاران ڪيل اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ اعليٰ اختيارين کان گهر ٿا ڪريون ته هن معاملي جو فوري طور تي نوٽيس وٺي پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.6

ڪنڌڪوٽ مان کنڀي گم ڪيل مزدور تحريڪ جي اڳواڻ  جي آزادي لاءِ احتجاج

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ شهر جي مهربان بازارمان مبينا کنڀجي ويل مزدور تحريڪ جي اڳواڻ اڪبر چاچڙ جي واپسي لاء اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو ان سلسلي ۾ سنڌي مزدور تحريڪ جي اڳواڻن علي مراد سبزوئي،سجاد بروهي،فداحسين مهمداڻي،شعيب ڊومڪي،ڌڻي بخش سبزوئي،رحمت الله ڇڄڻ نوجوان جي مبينا کنڀجڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ مهربان بازار بند ڪرائي ڇڏيو اڳواڻن الزام مڙهيندي چيو آهي ته اڪبر چاچڙ کي سيد برادري جا ماڻهو هٿيارن جي زور تي مبينا کنڀي کڻي ويا آهن جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي اڳواڻن ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي جلد آزاد ڪرايو وڃي.06

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪجهه مهينن ۾فوڊ اٿارٽي جي ڪاررواين ۾ تيزي ايندي : مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات بابت صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے