16 جمعہ , نومبر 2018

بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 هٿياربند مارجي ويا، اهلڪار شهيد

Firing on security forces in Quetta, 3-member Shaheedڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي علائقي آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ سپاهي رمز علي شهيد ۽ نائيڪ يعقوب زخمي ٿي پيو. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز آواران ويجهو انٽيليجنس بنيادن تي بي ايل ايف جي دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو، آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ سندن قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو. ترجمان موجب دهشتگرد مشڪئي ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي حملي ۾ ملوث هئا، جنهن ۾ پاڪ فوج جا پنج جوان شهيد ٿيا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آواران آپريشن ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ سپاهي رمز علي شهيد جڏهن ته نائيڪ يعقوب زخمي ٿي پيو، 24 ورهين جي شهيد سپاهي رمز علي جو تعلق خيرپور ميرس سان هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ چوڌاري آپريشن، ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي تاريخي عمارت ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي دڪانن ڊاهڻ بعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے