15 جمعرات , نومبر 2018

فيصل آباد : ملڪيت جي تڪرار تان جوابدار گوليون هڻي 2 ڀينرن کي  قتل ڪري ڇڏيو

فيصل آباد( ويب ڊيسڪ ) فيصل آباد جي علائقي جڙانوالا ۾ ملڪيت جي تڪرار تان  ڀاءَ پنهنجي ٻن ڀينرن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس ذريعن موجب واقعو جڙانوالا جي علائقي بلال پارڪ ۾ پيش آيو جتي عاطف نالي شخص ملڪيت مان پنهنجي ڀينرن کي حصو ڏيڻ لاءِ تيار نه هو ۽ سندس مطالبو هو ته ٻئي ڀينرون  پنهنجي حصي جي ملڪيت پڻ سندس نالي تي ڪن. گذريل ڏينهن ڀاءَ ۽ ٻنهي ڀينرن وچ ۾ ملڪيت جي معاملي تان سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن بعد جوابدار فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڀينرن ٿڏي تي دم ڏنو. پوليس موجب مقتول ڀينرون نازيه ۽ شازيه ٻئي نرس هيون ۽ موڪل تي گهر آيل هيون. فائرنگ بعد جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي  ويو، جنهن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ٻئي پاسي پوليس اطلاع ملڻ تي قتل ٿيندڙ ٻنهي ڀينرن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. پوليس موجب پوسٽ مارٽم بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے