15 جمعرات , نومبر 2018

شهيد سرويچ جو پيءُ لطف پيرزادو سور سانڍي ڌڻي سان وڃي مليو

ڏوڪري (ن ع آ) لطيف جو پارکو، ليکڪ اديب صحافي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي  شهيد نظير عباسي جوويجهو ساٿي ۽ شهيد سرويچ جو پيءُ پٽ جو سور سانڍي ڌڻي سان وڃي مليو،  لطف پيرزادو 65ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، لطف پيرزادو ايم آر ڊي تحريڪ دوران جمهوريت جي بحالي لاءِ 14 ڪوڙا کاڌا ۽  2سال قيد جي سزا به ڪاٽي، لطف پيرزادو ڪميونسٽ پارٽي، هاري تحريڪ، سنڌي ادبي سنگت سميت مختلف سماجي تنظيمن ۽ مزدور يونين جو روح روان رهيو، لطف پيرزادو جي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، صحافي ۽ ليکڪ انور پيرزادو سان تمام گهڻي ويجهڙائپ رهي، هو ڀٽائي جي رسالي جو حافظ  هو هن قديم ماڳ موهن جو دڙو جي بچائڻ جي حوالي سان تمام گهڻا مضمون به لکيا. لطف پيرزادو شهيد سرويچ پيرزادو جو والد هو. هن پونئيرن ۾ 2 پٽ صحافي عنايت پيرزادو، شعور پيرزادو ،3 نياڻيون ۽ هڪ بيواه سوڳوار ڇڏيا آهن. هوڏانهن مرحوم جو تڏو ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ وڇايو ويو آهي تڏي تي سنڌ لبرل فرنٽ جو چيئرمين نواز خان زنئور، محمد علي خشڪ، ڪامريڊ عرس سيلرو، ڪامريڊ گلاب پيرزادو، صحافي زررار پيرزادو حفيظ پيرزادو، ساجد سيلرو، صحافي  محمد رمضان جوڻيجو، قاضي آفتاب احمد، اسد ٻگهيو، ديدار سومرو، جبران منگي، فيصل ابڙو ، رياض پيرزادو، ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو، انور جونيئر پيرزادو ۽ ٻيا تڏي پهتا، جنازي نماز ۾ عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر ذلف پيرزادي، ايڊيٽوريل پيج جي انچارج زرار پيرزادي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.06

کاهوڙي ڪردار لطف پيرزادي جي لاڏاڻي تي عوامي آواز سٿ کي ڏک، تعزيت جو اظهار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ لطيف جي پارکو لطف پيرزادي جي اوچتو لاڏاڻي تي عوامي آواز سٿ پاران افسوس جو اظهار ڪندي ڏکويل وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ويو. سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ۽ لطيفيات جي وڏي نالي لطف پيرزادي جي ڪملهي وڇوڙي تي روزاني عوامي آواز جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ايگزيڪٽو ايڊيٽر حميده گهانگهرو، ڊپٽي ايگزيڪٽو ايڊيٽر حسن ناصر، ڊپٽي ايڊيٽر زلف پيرزادو، نيوز ايڊيٽر جاويد بوزدار، نيوز انچارج رزاق عاصي، وقار راهمون ۽ ٻين ساٿين طرفان افسوس جو اظهار ڪيو ويو. تعزيتي بيان ۾ چيو ويو ته لطف پيرزادو  سنڌ جي ادبي شعور جي علامت هو، جنهن جو وڇوڙو قوم لاءِ وڏو نقصان آهي. هنن سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گم ٿيل ماڻهن کي  بازياب نه ڪرايو ته پوليس آفيسرن کي جيل موڪلبو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته پوليس گم ٿيل ماڻهن کي بازياب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے