17 ہفتہ , نومبر 2018

90 لک ايڪڙ فصل سوڪهڙي جو شڪار، سڄي سنڌ آفت سٽيل قرار ڏني وڃي: ايوان زراعت

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) ايوان زراعت سنڌ صوبي ۾ 6 مهينن کان پاڻي جي سخت کوٽ سبب زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ ڪري سنڌ سرڪار کان سڄي سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ ٿيندڙ 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي اپ اسٽريم ۾ جمع ڪرڻ، شگرملون نومبر جي پهرين هفتي کان هلائڻ، ڪمند جو نئون امدادي اگهه گهٽ ۾ گهٽ 250 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ ۽ شگر ڪين ڊولپمينٽ بورڊ جي اعليٰ سطحي گڏجاڻي فوري طور تي سڏائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس مرڪزي صدر قبول محمد کٽياڻ جي صدارت هيٺ وڊيو لنڪ وسيلي هڪ ئي وقت ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ، سکر ۽ گهوٽڪي ۾ ٿيو، آبادگارن سنڌ جي ٽنهي بئراجن گڊو، سکر ۽ خاص ڪري ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي بدترين کوٽ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ٽنهي بئراجن تي پاڻي جي کوٽ سبب هڪ ڪروڙ 27 لک ايڪڙ ڪمانڊ ايريا مان 80 سيڪڙو متاثر ٿي آهي، 90 لک ايڪڙن تي پوکيل فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويا آهن، هنن چيو ته سنڌ ۾ مجموعي طور تي 21 لک ايڪڙن تي سارين، 17 لک ايڪڙن تي ڪمند، 14 لک ايڪڙن تي وونئڻن ۽ 38 لک ايڪڙن تي ڪڻڪ، ڪيلي سميت ٻين فصلن جي پوک ٿئي ٿي، آبادگارن چيو ته هن وقت سکر بئراج کان ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ لاٿ ٿي وئي آهي، جنهن سبب ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ ٿيندڙ 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي اپ اسٽريم ۾ جمع ڪري ڪئنالن ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي، آبادگارن چيو ته ٿر، ڪوهستان ۽ ڪاڇي ۾ برساتون نه پوڻ سبب آفت سٽيل قرار ڏيڻ جيان سڄي سنڌ ۾ 6 مهينن کان پاڻي جي کوٽ سبب فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿيڻ ڪري سڄي سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏئي،   آبادگارن کي ڍل، آبيانو، عشر ۽ اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل زرعي قرض معاف ڪيا وڃن، آبادگارن چيو ته سنڌ صوبي ۾ هلندڙ سال ڪمند جي ڪريشنگ جي نئين سيزن 19_2018ع نومبر کان شروع ٿيڻي آهي، ان لاءِ سنڌ شگر ڪين ايڪٽ تحت صوبي ۾ شگرملون نومبر جي پهرين هفتي ۾ هلايون وڃن، ان لاءِ ڪمند جو نئون امدادي اگهه گهٽ ۾ گهٽ 250 رپيا في مڻ مقرر ڪري شگرملون هلائڻ ۽ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ شگر ڪين ڊولپمينٽ بورڊ جي گڏجاڻي جلد کان جلد طلب ڪئي وڃي، اجلاس ۾ آبادگارن بجلي، گئس ۽ ڀاڻ جا اگهه وڌڻ تي پڻ سخت احتجاج ڪندي وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي ته فوري طور تي قيمتون گهٽائي آبادگارن کي ڪيل وعدي مطابق رليف مهيا ڪيو وڃي.  آبادگارن سنڌ حڪومت کان اهو به مطالبو ڪيو ته شگرملن ڏانهن رهيل ڪمند جي آبادگارن کي اربين رپين جون رهتون ڏياريون وڃن ۽ ڪين ڪمشنر سنڌ جي آفيس ۾ ايندڙ آبادگارن کي تذليل جو نشانو بڻائڻ بجاءِ ڪين ڪمشنر قانون مطابق آبادگارن جا جائز مسئلا حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اجلاس ۾ ايوان زراعت سنڌ جي نائب صدر نبي بخش سٺيو، اطلاعات سيڪريٽري مير عبدالڪريم ٽالپر، محمد خان ساريجو، مير امداد ٽالپر، مير سڪندر ٽالپر، آغا سيد خادم حسين شاهه، اصغر نوناري ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.17

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے