21 بدھ , نومبر 2018

مدرسن جو نصاب بدلائڻ  نه ڏبو، اولهه جي تهذيب خلاف جهاد ڪبو: فضل الرحمان

بنون (م ڊ) جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت کي مدرسن جي نصاب ۾ تبديلي ڪرڻ نه ڏينداسين. بنون منڊان پارڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي فضل الرحمان چيو ته سموريون سياسي پارٽيون ان نقطي تي متفق آهن ته عام چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي آهي، وزيراعظم، وڏا وزير جعلي آهن جيڪي ناجائز ۽ ظلم جبر سان حاصل ڪيل اڪثريت تي حڪومت ڪري رهيا آهن.  هن چيو ته ماڻهن کي آسانين، سهولتن جا خواب ڏيکاريندڙن سڀ کان اڳ عام ماڻهن تي مهانگائي جا پهاڙا ڪيرايا، گئس، بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو جيڪي عام ماڻهن جي خريد جي طاقت کان ٻاهر آهن،  هاڻي ئي اهڙا فيصلا ٿي رهيا آهن ته اڳتي ڇا ٿيندو. سندس چوڻ هو ته 10، 15 سالن کان اهو چئي رهيو آهيان ته عمران خان جي صورت ۾ جيڪا تبديلي ايندي اها اسلامي، قومي يا تهذيب بابت تبديلي نه هوندي پر اولهه جي تهذيب مڙهڻ جي تبديلي هوندي، ان مان مديني جي رياست جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي. فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن اولهه جي تهذيب مڙهي وئي ته جهاد کي پنهنجو فرض سمجهندس ۽ مقابلي لاءِ ميدان تي رهنداسين، اسان نئين نسل کي گمراهه ڪرڻ بدران دين جو سڌو رستو ڏيکارينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب بينڪن کان شهباز شريف جي اڪائونٽن جا تفصيل گهري ورتا

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو بينڪن ۽ مالياتي ادارن کان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے