19 پیر , نومبر 2018

سکر جي بيوٽي پارلر ۾ ڳجهيون ڪيمرائون،عورتن جون وڊيو ڀري بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف

سکر(رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) سکر جي اهم ڪاروباري مرڪز مشن روڊ تي سونيا بيوٽي پارلر جي باٿ روم ۾ خفيه ڪئمرائون هجڻ جوانڪشاف ٿيو آهي ، جتي بيوٽي پارلر ايندڙ اهم گهراڻي جي عورتن جي وڊيو فلم ٺاهي انهن کي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بليڪ ميلنگ ڪرڻ جو سلسلو جاري هيو، سونيا بيوٽي پارلر جي باٿ روم ۾ خفيه ڪئمرائن جي انڪشاف بعد سکر پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي ،جنهن جو ايس ايس پي سکر سيد اسد رضاشاهه نوٽيس وٺندي سي سيڪشن پوليس ۽ سي آئي اي پوليس سونيا بيوٽي پارلر تي ڇاپو هنيو،  جنهن دوران  بيوٽي پارلر جي باٿ روم مان ڳجهيون ڪيمرائون ۽  شراب جون بوتلون سميت ٻيون شيون هٿ آيون آهن ، جڏهن ته سکر پوليس بيوٽي پارلر جي مالڪ ڪامران کي گرفتار ڪري بيوٽي پارلر ۽ ڪاسميٽڪس جي دڪان سيل ڪري ڇڏي  آهي، ٻي طرف متاثر عورتن جو چوڻ آهي ته بيوٽي پارلر جو مالڪ وڊيو فلم جي ذريعي بليڪ ميلنگ ڪندو رهندو هو ،هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته بيوٽي پارلر جي مالڪ کي سخت سزا ڏني وڃي .6

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان يوٽرن واري بيان تي به يوٽرن وٺندو: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے