21 بدھ , نومبر 2018

القاعده سربراهه ايمن الزواهري ڪراچي ۾ ٿي سگهي ٿو:آمريڪي ميڊيا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ نائن اليون واقعي جي 17 هين ورسي سڀاڻي ملهائي ويندي. آمريڪا جي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته القاعده جو سربراهه ايمن الزواهري ڪراچي ۾ لڪل آهي. آمريڪي چينل سي اين اين پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ايمن الزواهري ڪٿي آهي، ان ڳالهه جو چرچو ميڊيا ۾ گهڻو نه پيو ٿئي کيس به ڪا گهڻي اهميت نه ملي پر هو اڃا به پنهنجا پيغام پهچائي رهيو آهي، ڪجهه هفتا اڳ سندس هڪ آڊيو ۽ ويڊيو پيغام به آيو هو. ويڊيو ۾ هو اڳ کان ڪمزور نظر آيو. رپورٽ موجب هو اڃا به ايف بي آءِ کي گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل آهي ۽ سندس سر تي اڍائي ڪروڙ ڊالر انعام آهي. پر سندس نالو انٽرپول جي گهربل ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل نه آهي. رپورٽ موجب القاعده ۽ اسامه بن لادن تي گهري نظر رکندڙ صحافي پيٽر برجن جو چوڻ آهي ته ايمن الزواهري به اسامه جيان پاڪستان ۾ لڪل ٿي سگهي ٿو. سي آءِ اي سندس ڳولا ختم ناهي ڪئي، سي آءِ اي کي يقين آهي ته هو ڪراچي ۾ لڪل هوندو. آمريڪي انتظاميه جا ذريعا به چون ٿا ته آءِ ايس آءِ الزواهري کي 2001ع کان بچائي رهي آهي. رپورٽ موجب 2016ع ۾ شوال وادي ۾ ڊرون حملي ۾ زواهري ذري تان بچيو، سندس چشمو ٽٽي پيو هو. برجن موجب القاعده لاءِ هاڻ اسامه بن لادن جو پٽ حمزه بن لادن وڌيڪ ڪشش وارو آهي. اسامه بن لادن کي ماريندڙ فوجي راب اونيل جو چوڻ آهي ته اسان جا ماڻهو اتي آهن جيڪي الزواهري کي به گرفتار ڪري وٺندا.3311

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجند مان سنڌو ۾ ڇوڙ بند، پنجاب جي تڪراري ٽي پي لنڪ مان کڻت

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو ) تربيلا ۽ منگلا ڊيم مان روزانو هڪ کان 2 فٽ  پاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے