12 پیر , نومبر 2018

پاڪستان سرڪار جي سي پيڪ رٿا جاري رکڻ جي خاطري، چين سان دوستي اهم آهي:عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. سي پيڪ سان ترقي جا نوان رستا کلندا. اهڙو اظهار هن چيني پرڏيهي وزير سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم سي پيڪ رٿائن تي عمل تيز ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.وزيراعظم عمران خان چيو ته چين سان دوستي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي. وزيراعظم چيو ته چين جي ترقي اسان لاءِ مثال آهي. چيني پرڏيهي وزير وانگ زي وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ پيش ڪندي چين جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم عمران خان سان سعودي اطلاعات واري وزير عواد بن صالح ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ پاڪ سعودي عرب لاڳاپن ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان سان سعودي اطلاعات واري وزير عواد بن صالح ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي،  سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري ۽ پرڏيهي سيڪريٽري به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو،  پاڪستان ۽ سعودي عرب مضبوط رشتي ۾ ٻڌل آهن، پاڪستاني عوام سعودي عرب سان خاص لڳاءُ رکي ٿو.3303

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپٽ صرف سياستدان نه ٻيا به آهن، رياست جي ڪردار ۽ پاليسي تي بحث جي ضرورت آهي: رضا رباني

اسلام آباد (م ڊ) پ پ اڳواڻ ۽ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے