18 اتوار , نومبر 2018

سنگين غداري ڪيس: خاص عدالت پاران ڪيس بابت روزاني بنياد تي ٻڌڻي جو فيصلو

 The decision to make special hearings on daily basis

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پرويز مشرف خلاف سنگين غداري واري ڪيس ۾ خاص عدالت 9 آڪٽوبر کان ڪيس بابت روزاني بنياد تي ٻڌڻي جو فيصلو ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري واري ڪيس جي ٻڌڻي خاص عدالت ۾ جسٽس ياور علي ۽ جسٽس نذر اڪبر ڪئي جڏهن ته طاهرا صفدر اڄوڪي ٻڌڻي ۾ به غير حاضر رهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس ياور علي رمارڪس ڏنا ته سنگين غداري ڪيس ۾ سمورا بيان ريڪارڊ ٿي چڪا آهن، نصير الدين نيئر دليل ڏيندو ته جوابدار جو بيان ريڪارڊ نه ٿيو ته ڪيس اڳتي ڪيئن هلندو ۽ نصير الدين نيئر اهي پڻ دليل ڏيندو ته جوابدار جو 342 وارو بيان اسڪائيپ تي ريڪارڊ ٿي سگهي ٿو؟ هن سوال ڪيو ته حڪومت جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻي رهيا آهي؟  جنهن تي گهرو وزارت جي نمائندي موقف اختيار ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته انٽرپول ذريعي پرويز مشرف جي گرفتاري جي درخواست ڏني هئي، جسٽس ياور رمارڪس ڏنا ته گهرو وزارت ايندڙ ٻڌڻي تي لکت ۾ ٻڌائي ته جوابدار کي پيش ڪري سگهون ٿا يا نه .خاص عدالت جي جج جسٽس ياور علي 9 آڪٽوبر کان سنگين غداري واري ڪيس جي روزاني ٻڌڻي جو فيصلو ڪندي  رمارڪس ڏنا ته آخري ڀيرو سنگين غداري ڪيس ملتوي ڪري رهيا آهيون ۽ 9 آڪٽوبر کان سنگين غداري ڪيس جي روزاني  بنيادن تي ٻڌڻي ٿيندي ان ڪيس کي هيئن يا هوئين آخري انجام تائين پهچائڻو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے