19 پیر , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي پي ڪي 23 شانگلا تي ٻيهر چونڊ

On Decision of Election Commission PK-23 پشاور( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي شانگلا جي صوبائي سيٽ پي ڪي 23 شانگلا ۾ ٻيهر چونڊ جي سلسلي ۾ پولنگ وارو عمل جاري آهي. 25 جولاءِ جي عام چونڊن دوران عورت ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 10 سيڪڙو کان گهٽ هجڻ تي اليڪشن ڪميشن اتي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن کانپوءِ اڄ ان تڪ تي چونڊ جي سلسلي ۾ پولنگ جاري آهي.صوبائي اليڪشن ڪميشن مطابق پولنگ وارو عمل صبح 8 وڳي کان شروع ٿيو آهي، جيڪو ڪنهن وقفي کانسواءِ شام 6 وڳي تائين جاري رهندو، تڪ ۾ مجموعي طور تي 135 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيا ويا آهن. ان سيٽ تي 13 اميدوار چونڊ وڙهي رهيا آهن، جن ۾ تحريڪ انصاف جو شوڪت يوسفزئي، ايم ايم اي جو محمد يار، عوامي نيشنل پارٽي جو عمر زاده، پ پ پ جو افسر الملڪ ۽ ٻيا شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے