13 منگل , نومبر 2018

ٿر ۾ ڏڪار ۽ ماروئڙا

جي آر  جوڻيجو

هن سال وري مارئي جو ديس ٿرپارڪر خطرناڪ ڏڪاري صورتحال جي لپيٽ ۾ اچي ويو آھي ۽ بادلن جي رسامي سبب ٿر جي واري پياسي رهجي وئي آھي جنهن سبب ٿر جا ماروئڙا پريشانر واري زندگي جو سفر ڪرڻ تي مجبور بنجي ويا آھن ۽ بادلن جي رسامي تي ڏکارا بنجي ٿر واسي بئراج طرف پنهنجي چوپائي مال سميت لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آھن ڇو ته ٿرين جي زندگي جو گذر سفر چوپائي مال ۽ زرعي پيدوار تي هوندي آھي ۽ ٿر ۾ زرعي پيدوار ۽ مال جو چارو تڏھن ئي ممڪن ٿي سگهندو آھي جڏھن برساتون پونديون آھن پر ٿرپارڪر ۾ ھيل مندائتيون برساتون نه پئجي سگهيون آھن جنهن ڪري ٿرين پنهنجي ٻنين ۾ پوک به نه ڪئي آھي نه چوپائي مال لاءِ گاهه وغيره ٿي سگهيو آھي جنهن جي ڪري ٿر ۾  وڏي تعداد ۾ لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آھي ٿر ۾ جڏھن برساتون نه پونديون آھن ته مالوند مارو ماڻھو مال سانگي بئراج جو رخ ڪندا آھن جتي مزدوري پڻ ڪندا آھن ۽ پنهنجي مال جو چارو پڻ ھٿ ڪندا آھن ٿر کي سرڪاري طور ٿيل فيصلي موجب پندرنهن آگسٽ تائين برساتون نه پوڻ جي ڪري ڏڪار سٽيل قرار ڏئي ايمرجنسي صورتحال ۾ حڪومت کي سرگرميون شروع ڪرڻيون هونديون آھن  هيل به ٿر کي پندرنهن آگسٽ جو سورنهن آگسٽ نوٽيس ڪڍڻ بدران سيپٽمبر ۾ نوٽيفڪيشن ته جاري ڪيو ويو آھي پر اڃان تائين ٿر ۾ ڪا به رليف سرگرمي نه سرڪار سڳوري شروع ڪئي آھي نه ئي وري ٿر جي نالي کي عالمي ادارن وٽ ڪيش ڪرائيندڙ ادارا شروع ڪري سگهيا آھن جنهن سبب غريب پورهيت هاري ٿرين وٽ مايوسين کانسواءِ ڪجهه نه بچيو آھي هونئين به ٿرين کي ھر حڪومت مايوسين کانسواء ڪجهه به نه ڏنو آھي.

ڪڏھن کين ڪڻڪ جي ٻوري پويان رلايو ويندو آھي ته ڪڏھن کين جاهل جو لقب ڏئي سڀ ٺيڪ آھي جو راڳ آلاپيو ويندو آھي حڪومت وٽ  هر دفعي ٿرين جي ڏڪاري حالتن جو حل صرف پنجاهه ڪلو ڪڻڪ ڪڍي کين ڌڪن ۽ چٿرن سان نوازيو ويندو آھي پر سرڪاري ادارن توڙي اسٽينڊرڊ جا ماپا سيکاريندڙ ۽ سٻاجهن انگ اگهاڙن ٿرين جي معصوم تصويرن کي وکر بنائي پنهنجا پيٽ ڀريندڙ خانگي ادارن اڃان تائين ڪڻڪ جي داڻن کان اڳتي نڪري ٿرين لاءِ ڪو مستقل حل نه ڳوليو آھي جنهن سبب هيل به وري اهو خطرو  ظاهر ٿي رهيو آھي ته معصوم ٿرين جي تصويرن کي ڪٿي ڪيش ڪرائي وڏين لگزري گاڏين جو ڪي آسائشون وٺندا ته ڪي وري ٿرين جي هڪ گرهه لاءِ آيل ڪڻڪ مان پنهنجا ڀڀ ڀري واڳون وارا ڳوڙھا ڳاڙي عام ٿريي کي ڪڻڪ لپ لاءِ رلائيندا پر ٿرين لاءِ وري به ساڳيا سور هوندا.

ٻڌڻ ۾ اهو آيو آھي ته سنڌ جي سرڪار سڳوري ڊي سي ٿر پاران ٿر جي ٻه لک کان وڌيڪ خاندانن کي ڪڻڪ جي فراهمي واري سفارش تي عمل ڪرائڻ بدران وڏن بنگلن جي آرامي ڪمرن ۾ ويٺل وڏيراشاهي جي چوڻ تي بينظير ڪارڊ رکندڙ خاندانن ۾ ڪڻڪ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو آھي سرڪار سڳوري کي شايد ايترو عقل شريف ناهي ته ٿر ۾ ٻه لک کان وڌيڪ خاندان ڏڪار ۾ متاثر ٿيندا جڏھن ته بينظير ڪارڊ صرف اٺاسي هزار عورتن وٽ آھن جنهن مان ڪي چند غريبن وٽ آھن باقي ته مقامي وڏيرن جي گهرن ۾ ڪوٽا تي ورهايل آھي اهڙي فيصلي سان غريب ٿرئي بدران مقامي وڏيرا شاهي کي ئي فائدو پهچي سگهي ٿو الاءِ ڇو حڪمران انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي حقيقتن طرف مائل نٿا ٿين سنڌ حڪومت جي ايتري ساري بيورڪريسي ۽ سياستدان ۽ مقامي مشير ٿر لاءِ ٺهيل پاليسي کي ظاهر ڪري انهي تي عمل ڇو نٿا ڪرائن انهي مان صاف ظاهر آھي ته حڪمران صرف ٿرين کي پنهنجي حڪمراني آڏو صرف هٿ ڦهلائڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آھن ڇا ڪڻڪ کانسواءِ ٿرين جي مسئلي جو ڪو حل نٿو ٿي سگهي ڇا ٿرين جي مال ۽ ٿرين جو زندگي جو تحفظ ۽ بچاءُ صرف پنجاهه ڪلو جي ڪڻڪ جي ٻوري ۾ آھي يا ٿر جي ستر لک چوپائي مال کي بچائڻ لاءِ ڪا رٿا جوڙي وئي آھي لڳي ائين پيو ڄڻ ٿرين جي معصوم ٻارن جي بيماري جي علاج کان ويندي ستر لک چوپائي مال کي پنجاهه ڪلو جي ڪڻڪ ٻوري ذريعي بچائڻ جو جديد حل ڳوليو ويو آھي.

حڪمران جيڪڏھن ٿر جي ماڻھن جي مسئلي جو حل چاهين ٿا ته ٿري ماڻھن لاءِ ڪنهن خاص پئڪيج جو اعلان ڪن جنهن ۾ ٿرين جي ٿيندڙ لڏپلاڻ جي روڪٿام ٿي سگهي ۽ ٿرين کي ڪڻڪ جي داڻي پويان پينو بنائڻ بدران کين روزگار سان لڳائي حل ڪڍيو وڃي دنيا ۾ جتي علائقا ڪنهن آفت جي ور چڙھندا آھن ته حڪومتون اتي ترقي جا ڪم ڪنديون آھن جيئن اتان جا ماڻھو مزدوري ڪري سگهن ٻيو ته ٿر ۾ اهم اشو پاڻي جو آھي جيڪڏهن حڪومت سنجيده ٿي ۽ ٿرين تائين پاڻي جي فراهمي يقيني بنائي ته به ڪافي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا پر لڳي ائين پيو ٿرين جي هر مسئلي کي وري به ڪڻڪ جي ٻوري ۾ بند ڪري کين  ڪڻڪ لپ جي حاصلات سان گڏ ڌڪن ۽ ٿاٻن سان سندن بهتر حل ڳوليو ويندو ۽ ٿرواسي وري به پنهنجي مشڪلات واري زندگي مان گذرندي قسمت جو لکيو ڄاڻي اڀ ڏانهن اکيون نمائي ڇڏيندا سو حڪومت کي گهرجي ته سنجيدگي سان ٿر لاءِ سوچي ۽ ڪڻڪ کان ٿورو اڳتي نڪري ٿرين جي مستقل حل لاءِ ڪا پاليسي ٺاهي وڃي ته جيئن ٿر جا ماڻھو پنهنجي سٺي زندگي گذاري سگهن ۽ هو هر سال دربدر نه ٿين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انسان دوستي اُتم ڪم

حافظ سڪندر تنيو انساني سماج جي ترقي ۽ واڌاري ۾ اڄڪلهھ جي وڏي رڪاوٽ مذهبي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے