16 جمعہ , نومبر 2018

ٽيم جا حوصلابلند آهن، ايشيا ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندسين: سرفراز احمد

Team trophy is high, will show good performance in Asia Cup: Sarfraz Ahmedلاهور( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ٽيم جو مورال بلند آهي ۽ ايشيا ڪپ ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪنداسين. قذافي اسٽيڊيم ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم ڀرپور تياري ڪئي آهي، ڪيمپ ۾ گرم موسم هئڻ باوجود رانديگرن سخت محنت ڪئي، ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته متحدا عرب امارتن ۾ اسپنرن جو ڪردار تمام گهڻو اهم هوندو، پهريان بيٽنگ ڪئي ته 300 کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين جڏهن ته اسان جي بالنگ 300 رنسن کان وڌيڪ هدف جو بچاءَ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. سرفراز احمد چيو ته ڪنهن هڪ شعبي تي ناهي ڀاڙڻو،  سمورن شعبن ۾ ڀرپور محنت ڪنداسين، غيرملڪي ڪوچ پروفيشنل آهن، رانديگرن جي فٽنس بهتر ٿي آهي، ٽيم ۾ ڪافي شيون بهتر ٿيون آهن ۽ بيٽنگ لائين هدف حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. قومي ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته پاڪستان اي ٽيم پڻ سريز کيڏڻ لاءِ دبئي ۾موجود هوندي جيڪڏهن ايشيا ڪپ ۾ متبادل رانديگر ضرورت پئي ته اتان ئي گهرائي سگهون ٿا. هن چيو ته يو اي اي ۾ موسم گرم آهي، رات ۾ هوا ۾ گهم جو تناسب وڌيڪ هوندو ۽ رات جو بيٽنگ ڪرڻ ٿوڙو پريشان ضرور ڪندي. اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ بابت پڇيل سوال تي سرفراز احمد چيو ته ٽيم کي سندس ضرورت آهي، اميد آهي ته محمد حفيظ عالمي ڪپ لاءِ موجود هوندو. ڊيم فنڊن بابت قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته ڊيم لاءِ پاڪستان ٽيم طرفان 32 لک رپيا جمع ڪيا ويندا ۽ هر رانديگر ڊيم لاءِ ٻه، ٻه لک رپيا ڏيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات پهچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٻن ڏينهن جي سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے