21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: شيخ ڀرڪيو: پ پ جي مقامي اڳواڻ جو ڌنار تي تشدد، نينگر جي ٻانهن ڀڄي پئي

Shaikh Bhirkio: PPP leader victimized poor farmer, tore child's arm* شيخ ڀرڪيو ويجهو پ پ جي مقامي اڳواڻ ڌنار جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي واقعي خلاف نينگر جي وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ سيد تاج محمد شاهه ۾ پگهار جا پئسا گهرڻ تان  پ پ اڳواڻ مڇرجي ڌنار تي پٽن سميت وحشياڻو تشدد ڪيو جنهن سبب نينگر جي ٻانهن ڀڄي پئي.

پ پ تعلقي ٽنڊو محمدخان جي مقامي اڳواڻ  غلام حيدر شاهه ۽ سندس پٽن باقر شاهه ۽ اعزاز شاهه 12سالن جي ڌنار نظام ساند تي وحشياڻو تشدد ڪندي سندس  ٻانهن ڀڃي ڇڏي

ٻڌايو پيو وڃي ته بااثرن نينگر کي رسن سان ٻڌي نڪ ۽ وات ۾ پاڻي پڻ وڌو جنهن ڪري معصوم نينگر کي نڪ ۽ ڪن مان رت پڻ اچڻ لڳو.

متاثر نينگر پنهنجي والد خانڻ ۽ ڀاءُ  محمد حنيف  ساند سان گڏجي احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي تشدد جو شڪار ٿيل نينگر جي والد خانڻ ساند چيو ته معصوم پٽ ٻن سالن کان بااثر ڀوتار  جو مال چاريندو آھي پر هن وقت تائين کين رڳو پنج هزار مليا آهن.

 هن ٻڌايو ته رهيل رقم گهرڻ تي بااثر پٽن سان گڏجي سندس نينگر تي وحشياڻو تشدد ڪيو جنهن ڪري سندن ٻانهن پڻ ڀڄي پئي.

 هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽندو محمد خان کي معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جومطالبو ڪيو …………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: چوهڙ جمالي: ڳوٺ جان محمد جت ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ، نوجوان قتل

*چوهڙ جمالي  ويجهو ڳوٺ جان محمد جت ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو  جوابدار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے