21 بدھ , نومبر 2018

حڪومت پاران فوري طور گئس جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اقتصادي رابطا ڪميٽي فوري طور گئس جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو.  اجلاس ۾ فوري طور گئس جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  ذريعن موجب اقتصادي رابطا ڪميٽي قيمتن ۾ اضافي لاءِ گائيڊ لائنز طئي ڪري ڇڏيون آهن پر اگهن ۾ اضافي جو آخري فيصلو وزيراعظم عمران خان ڪندو.  ذريعن موجب ڀاڻ جي فيڪٽرين کي 50 سيڪڙو مقامي گئس ۽ 50 سيڪڙو ايل اين جي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايل اين جي ڀاڻ جو 50 سيڪڙو بل ڀاڻ ڪمپنيون ادا ڪندو جڏهن ته 50 سيڪڙو حڪومت ادا ڪندي. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته  سموريون ڀاڻ فيڪٽريون ڀرپور صلاحيت سان ڀاڻ پيدا ڪنديون جڏهن ته ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ٻاهران گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے