20 منگل , نومبر 2018

نيوز: سوڀوديرو: نانگ ڪکڻ سبب فوت ٿيل ناري جي وارثن جو ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام، احتجاج

Sobhodero: Protest  by heirs against doctors*سوڀوديرو  ۾ ناگ ڪکڻ سبب فوت ٿيل ناري جي وارثن الزام هنيو آهي ته گمس جي ڊائريڪٽر جي لاپرواهي ۽ غفلت سبب  سندن عورت فوت ٿي وئي آهي .

کوکر پاڙي جي رهواسي ناري شڪيله کي نانگ ڏنگي وڌو جنهن کي وارثن  پاران گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو .

فوتي ناري شڪيله جي وارثن  غلام قمبر کوکر، فقير ارشاد علي کوکر  ۽ٻين الزام هنيو ته گمس ۾ ڊيوٽي  ڪندڙ ڊاڪٽر خيرپور جي سول اسپتال جي ماھر ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو ته فوتي ناري شڪيلا کوکر تي زھر چڙھي ويو آھي ان جي زندگي ڪھڙي طريقي بچايون ان ماھر ڊاڪٽر ڊيوٽي  انچارج گمس گمبٽ   کي چيو ته ناري کي فورن وينٽيليٽر تي رکو ان بعد رت لڳايوس.

 انسان دوست  ڊيوٽي  انچارج ڪافي ڪوشش ڪئي  پر ان کي گمس جي ڊائريڪٽر  ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي وينٽيليٽر  فراھم نه ڪرايو .

 هنن ٻڌايو ته کين مريضن ٻڌايو ته وينٽيليٽر  جو آپريٽر به موجود نه  آهي ۽ ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي اھو وينٽيليٽر صرف امير ماڻھن کي فراھم ڪندو آھي.

هنن چيو ته جيڪڏهن ڊائريڪٽر گمس  وينٽيلٽر فراهم ڪري ها ته سندن نياڻي بچي وڃا ها

فوتي ناري جي وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي ……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: لکي غلام شاهه: تيز رفتار ويگن ڪلٽي، 6 ڄڻا زخمي

لکي  غلا م شاهه ڀرسان تيز رفتار ويگن ڪلٽي ٿيڻ جي تنيجي ۾ 6 ڄڻا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے