14 بدھ , نومبر 2018

پنجاب جي گورنر هائوس کي عوام لاءِ کولڻ جو اعلان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته سرڪاري عمارتون ملڪ جو اثاثو آهن، هي ملڪ اشرافيه نه پر عوام لاءِ ٺهيو، ناانصافي خلاف جدوجهد جاري رکي ويندي، ڪنهن کي سياسي انتقام جو نشانو نه بڻايو ويندو.  لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري سرور چيو ته پنجاب جي گورنر هائوس کي عوام لاءِ کوليو ويندو. هن چيو ته مان ڊفينس ۾ پنهنجي گهر رهي رهيو آهيان ۽ اتي ئي رهڻ چاهيان ٿو، وزيراعظم جي ويزن موجب گورنر هائوس کي کولي رهيا آهيون، گورنر هائوس هر آچر تي فيميلز لاءِ صبح 10 کان 6 وڳي تائين کوليو ويندو، اسڪول جي ٻارڙن کي به گورنر هائوس اچڻ جي اجازت هوندي. هن چيو ته گورنر سميت سمورا عهديدار پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪندا، پاڻ ڪو غلط ڪم ڪندس ۽ نه وري ڪنهن ٻي کي ڪرڻ ڏنو ويندو، اسان عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے