17 ہفتہ , نومبر 2018

مسيحي برادريءَ جي شادين جي رجسٽريشن بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ

Mithi: Dangerous conditions retained, more than three children diedاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ مسيحي برادريءَ جون شاديون رجسٽرڊ ڪرڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته 5 کان ستن ڏينهن ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو، آئين تحت ڪنهن سان اڻ برابري وارو سلوڪ نه ٿو ڪري سگهجي، پنجاب حڪومت پنهنجو لکت جواب داخل ڪري. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ مسيحي برادريءَ جي شادي رجسٽريشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران بشپ عدالت کي ٻڌايو ته يونين ڪائونسل مسيحي برادريءَ جي شادين کي رجسٽرڊ نه ڪندي آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب معاملي ۾ رنڊڪ آهي؟ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته مسيحي برادري ضابطي موجب اپلائي نه ٿي ڪري. هن چيو ته توهان کي ڪيترائي ڀيرا چيو ته ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻي آهي، نظام کي آسان ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، 1872ع جو ميرج ايڪٽ سمورن مذهبن لاءِ هو. سپريم ڪورٽ مسيحي برادريءَ جي شادين جي رجسٽرڊ ڪرڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے