14 بدھ , نومبر 2018

عاطف اسلم ڊيمز فنڊ ۾ 25 لک رپيا جمع ڪرائي ڇڏيا

Atif Aslam Dam collected Rs 25 lacs in the fundsاسلام آباد ( شوبز نيوز ) مشهور راڳي عاطف اسلم چيف جسٽس جي ڊيمز فنڊ ۾ 25 لک رپيا جمع ڪرائي ڇڏيا. ميڊيا جي رپورٽن موجب عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني راڳي عاطف اسلم چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي اسلام آباد ۾ قائم سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ ڊيمز فنڊ لاءِ 25 لک رپين جو چيڪ چيف جسٽس حوالي ڪيو. چيف جسٽس ڊيمز لاءِ رقم فراهم ڪرڻ تي عاطف اسلم جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ مختلف شخصيتن طرفان ڊيمز فنڊ ۾ رقم جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، گذريل ڏينهن آءِ سي سي ايليٽ پينل ۾ شامل پاڪستاني امپائر عليم ڊار پڻ ڊيم فنڊ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندي 10 هزار ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سارا علي خان پنهنجي ويڳي ماءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ نئي نئي انٽري ڏيندڙ اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے