17 ہفتہ , نومبر 2018

الله چاهيو ته نواز شريف جلد عوام جي وچ ۾ هوندو: حمزا شهباز شريف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ حمزا شهباز شريف هڪ دفعو ٻيهر ڌانڌلي سٽيل چونڊن جي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته عدالتي جنگ سان گڏ اسيمبلين ۾ به آواز اٿاريو ويندو، الله چاهيو ته نواز شريف جلد عوام وچ ۾ هوندو.  لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزا شهباز شريف چيو ته سياسي پارٽين جي اصل طاقت ڪارڪن ئي هوندا آهن، ڪارڪنن سان سندس رشتو سياسي نه پر دل جو آهي. هن چيو ته حڪومت کي ڌانڌلي هضم ٿيڻ نه ڏينداسين، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ حڪومت کي پارلياماني ڪميشن بڻائڻ تي مجبور ڪنداسين، عدالتي جنگ سان اسيمبلين ۾ به آواز اٿاريو ويندو. سندس چوڻ هو ته حڪومت جي نااهلي سبب ٻهراڙين ۾ 14 ۽ شهرن ۾ ست ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، حڪومت پنهنجو ڪو به واعدو پورو نه ڪيو آهي. حمزا شهباز شريف چيو ته ٽن هفتن ۾ عمران خان جو ڪو به واعدو پورو نه ٿيو آهي، اڳتي به اميد ناهي، ڊيمن لاءِ 130 ارب جي زمين نواز شريف قوم حوالي ڪئي، ڊيم جي لاڳت 12 ارب ڊالر آهي، شوڪت خانم اسپتال ناهي، ڊيم لاءِ مڪمل حڪمت عملي طئي ڪرڻي پوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے