14 بدھ , نومبر 2018

مسٽر پرفيڪشنسٽ  رڳو فلمن ۾ نه پر حقيقي زندگي ۾ به هيرو آهي

Mr. Performing is not only in films but also in real lifeممبئي( شوبز نيوز ) مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان فلم”دنگل“ جي سائونڊ انجينئر جي حياتي بچائي ثابت ڪري ڇڏيو ته هو رڳو فلمن ۾ ئي نه پر حقيقي زندگي ۾ به هيرو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب فلم”دنگل“ جي سائونڊ انجينئر شاجيت ڪوئري کي فالج جي حملي سبب ممبئي جي هڪ اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن نه هئڻ ۽ اسپتال جي عملي جي لاپراوهي سبب شاجيت جو علاج شروع نه ٿي سگهيو. جنهن کان پوءِ شاجيت جي گهروارن اداڪار عامر خان سان رابطو ڪيو ۽ کائنس مدد جي درخواست ڪئي. عامر خان اها خبر ٻڌي ڪري اڌ رات جو اسپتال پهتو ۽ اتان کان شاجيت کي ممبئي جي ڪوڪيلا بين اسپتال منتقل ڪيو ۽ مريض جي گهروارن کي هر طرح جي مدد جي خاطري ڪرائي. اسپتال منتقل ٿيڻ بعد شاجيت جي حالت بهتر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سارا علي خان پنهنجي ويڳي ماءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ نئي نئي انٽري ڏيندڙ اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے