22 جمعرات , نومبر 2018

سي پيڪ بابت عوام کي گمراهه ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي: احسن اقبال

Former Home Minister Ahsan Iqbal has taken the unlawful apology from the courtلاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا کي رول بيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته رڳو مخالفت نه پر حڪومت جا هٿ به روڪينداسين. هڪ انٽرويو ۾ احسن اقبال چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي شفاف ترين رٿائن مان هڪ آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين جي اعليٰ ترين عهديدارن سنجيدگي سان ڪم ڪيو، ان حوالي سان قوم ۾ بدگماني پکيڙڻ سموري قوم سان دشمني برابر آهي. هن چيو ته  چين تنهن وقت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪئي جڏهن ڪو ملڪ پاڪستان ۾ 10 رپيه سيڙپڪاري به نه ڪرڻ چاهيندو هو، رٿا پاڪستان جي معيشت کي سنڀاليو آهي. سندس چوڻ هو ته  سي پيڪ تي پاڪ چين دوستي جي جذبي تحت خلوص سان ڪم ڪيو ويو، رٿا سان هزارين لکين ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا. احسن اقبال چيو ته اقتصادي راهداري رٿا بابت الزام هڻڻ درست ناهي، سي پيڪ جي جاچ لاءِ آزاد ڪميشن جوڙي وڃي.  هن چيو ته حڪومت سي پيڪ معاملي تي عوام کي اعتماد ۾ وٺي ۽ رٿا کي روڪڻ بابت بيان ڏئي قوم کي گمراهه ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت پئٽرول اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت ايندڙ مهيني عوام کي رليف ڏيڻ جو فيصلو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے