16 جمعہ , نومبر 2018

حڪومت شروعات ۾ ئي ملڪ کي بحران جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي: فضل الرحمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته موجوده حڪومت شروعات ۾ ئي ملڪ کي بحرانن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪ چين لاڳاپا ۽ دوستي هر پاڪستاني جي دل جو آواز آهي، اها دوستي پهريون ڀيرو اقتصادي دوستي ۾ تبديل ٿي آهي،  سي پيڪ رٿا تحت چين اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي  پر سياسي بحران سبب چين جو اعتماد گهٽ ٿيو آهي، هاڻي  سي پيڪ رٿا تي نظرثاني جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، رٿا کي رولڙي جو شڪار ڪرڻ ڪاري ضرب هوندو.  هن چيو ته موجوده حڪومت شروعات ۾ ئي ملڪ کي بحرانن  جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، عوام تي مهانگائي جا پهاڙا ڪيرايا ويا آهن، اسان کي غلامي جي نئين دور طرف ڌڪيو پيو وڃي، پهريون ڀيرو هڪ حڪومت ڪشمير جي مسئلي کي نظرانداز ڪري ڀارت سان لاڳاپا وڌائي رهي آهي، سفارتي محاذ تي جنهن ٻارڙائپ جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي ان مان ڇا اميد ڪري سگهبي. سندس چوڻ هو ته  مديني جي رياست جي نالي تي قوم کي دوکو نه ڏنو وڃي، توهان جي منهن مان مديني جي رياست جو نالو وٺڻ مناسب نه ٿو لڳي، ڇا مديني جي رياست جو بنياد مادر پدر آزادي سان وڌو ويو؟ اسان کي اقتصادي ڪائونسل جي تصورن تي به شڪ آهي، قائد اعظم چيو هو ته معاشي نظام اسلامي اصولن جي روشني ۾ تيار ڪيو وڃي، اقتصاديات کي چندن سان نه ٿو هلائي سگهجي، ان حوالي سان حڪومت ويهي معاشي پاليسي تيار ڪري. مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت سمورن ديني مدرسن جي رجسٽريشن رد ڪري مدرسن کي نيڪٽا حوالي ڪري ڇڏيو آهي،  مدرسن جي نصاب کي تبديل ڪرڻ بابت حڪومتي ارادن کي رد ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهيد ايس پي طاهر خان داوڙ جي جنازي نماز پشاور ۾ ادا ڪئي وئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور پوليس لائن ۾ مقتول ايس پي طاهر خان داوڙ جي جنازي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے