20 منگل , نومبر 2018

ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، هڪ ئي خاندان جا 7 ڄڻا فوت

ڊي آءِ خان(ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٽرڪ ۽ ڪار جي وچ ۾ ٿيل ٽڪر سبب هڪ خاندان جا 7 ڄڻا سِر وڃائي ويٺا.  مارجي ويلن ۾ ٻه معصوم ٻار به شامل آهن. تفصيل موجب ڊيرا اسماعيل خان جي تحصيل درابن ڪلان ڀرسان زوب روڊ تي موٽر ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا ست ڄڻا مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري جي ڪري پيش آيو. پوليس اختيارين موجب ڪرڪ کان ڪوئيٽا ويندڙ ٽو ڊي ڪار تحصيل درابن ڪلان جي علائقي سرڊگر جي مقام تي مختلف قطار ڏانهن ايندڙ ٽڪر سان ٽڪرائجي پئي. تڪرار جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 2 عورتون، 2 مرد ۽ 2 معصوم ٻار تڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ٻار ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ڊيرا اسماعيل خان ۾ زخمن جا سور نه سهندي لاڏاڻو ڪري ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اِهو بدقسمت خاندان ڪرڪ کان ڪوئيٽا وڃي رهو هو. بعد ۾ پوليس حادثي ۾ فوت ٿيلن سمورن ڄڻن جا لاش اباڻي علائقي ڪرڪ روانا ڪري ڇڏيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خبر ناهي نئون پاڪستان ٺهندو به الائي نه؟ چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار راوي درياءَ ۾ گندو پاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے