17 ہفتہ , نومبر 2018

نواز شريف خلاف العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي ساڍي 12 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نواز شريف خلاف العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي جج محمد ارشد ڪئي، اڳوڻي وزيراعظم کي سخت سيڪيورٽي ۾ احتساب عدالت آندو ويو. نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ کان آڏي پڇا ڪئي. خواجا حارث پڇيو ته جي آءِ ٽي وٽ دستاويز آهن، جن ۾ هل ميٽل کي ڪمپني ظاهر ڪيو ويو؟ واجد ضياءَ چيو رڪارڊ ڏسي ٻڌائي سگهان ٿو، سروس دستاويز موجود آهن، ظاهر ٿئي ٿو ته هل ميٽل ڪمپني آهي، سورس دستاويز گذريل سال 20 جون تي جي آءِ ٽي کي مليا، سورس دستاويز ايم ايل اي لکجڻ کانپوءِ وصول ٿيا. هن چيو ته 05-2004 کي هل ميٽل اسٽيبلشمينٽ جي ان ڪارپوريشن جو سال لکيو ويو، ايم ايل اي لکجڻ وقت ڪنهن شاهد ان ڪارپوريشن کي سال نه ٻڌايو. خواجا حارث چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف خلاف ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، عدالت ٻڌڻي جي ملتوي بابت سندس درخواست منظور ڪندي نواز شريف کي عدالت مان وڃڻ جي اجازت ڏني، جنهن کانپوءِ کيس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته العزيزيا ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي ساڍي 12 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے