18 اتوار , نومبر 2018

پنجاب لائيو اسٽاڪ اينڊ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ ۾ ڪرپشن جا ثبوت نيب حوالي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب لائيو اسٽاڪ اينڊ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ جي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي جاچ دوران اهم ثبوت اينٽي ڪرپشن ۽ نيب جي حوالي ڪيا ويا. تفصيل موجب پنجاب لائيو اسٽاڪ اينڊ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ جي نئين مقرر ٿيل سيڪريٽري سيد شهباز بخاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻڌايو ته مختلف منصوبن ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني جا ثبوت اينٽي ڪرپشن ۽ نيب جي حوالي ڪيا ويا. سيد شهباز بخاري ٻڌايو ته پنجاب لائيو اسٽاڪ اينڊ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ جي بندوبست هيٺ خضر آباد فارم ۾ جانورن جي خريداري ۾ ڪرپشن ڪئي وئي، وڻن جي وڪري ۾ 3 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ڪئي وئي اهڙي ريت فارم جي لاءِ ٻڪريون، رڍون ۽ ٻيا جانور مهانگن اگهن تي خريدي ڪمند گهٽ اگهه تي وڪرو ڪيو. بورڊ جي پبلسٽي جو ٺيڪو ڪوڙي ڪمپني کي ڏنو ويو جنهن لکين رپيا کاڌا، سرڪاري گاڏيون آفيسرن يج گهرن ۾ استعمال ٿي رهيون هيون جيڪي هاڻ واپس گهرايون ويون آهن. سيد شهباز بخاري ٻڌايو ته ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ طرفان ماڊل ٽائون لاهور ۾ لڳايل کير جي آٽوميٽڪ مشين به بند پيل آهي. ترڪي جي هڪ ڪمپني 8 لک رپين جي ماليت جي مشين تحفي ۾ ڏني هئي مشين جي مهورتي تقريب تي 21 لک کان وڌيڪ جو خرچ آيو، خضر آباد فارم جي مينيجر محمد فاروق کي ڪرپشن ڪيسن جي ڪري معطل ڪيو ويو آهي پر هن اڃا تائين چارج ناهي ڇڏيو ۽ الٽو کاڌي کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئين پاڪستان جي نالي تي پراڻي پاڪستان کي تباهه ڪندڙن جورستو روڪينداسين: بلاول

گلگت( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے