18 اتوار , نومبر 2018

بلوچستان جي ترقي ملڪ جي ترقي آهي: شهريار آفريدي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ۽ مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان ملاقات ڪري صوبي ۾ مسئلن جي حل لاءِ عزم جو اظهار ڪيو آهي. ملاقات کانپوءِ قاسم سوري، شهريار آفريدي ۽ ڄام ڪمال گڏيل نيوز ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي ڄام ڪمال جو چوڻ شهريار آفريدي تفتان بارڊر ۾ حالتن جو جائزو ورتو، وفاق سان گڏجي بلوچستان جي احساس محرومي ختم ڪنداسين. هن چيو ته بلوچستان جي مسئلن کي ترجيح ڏيڻ تي وفاقي حڪومت جا ٿورائتا آهيون، صوبي جي مفادن تحت تحريڪ انصاف حڪومت جو ساٿ ڏنو، اسان سڀ سنجيدگي سان بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن بلوچستان جا معاملا حقيقي طور تي حل ٿيندا. شهريار آفريدي چيو ته وزيراعظم قوم کي پيغام ڏنو رياست هر پاڪستاني جي ذميوار آهي، حڪومت زائرين جي حوالي سان به تڪڙا قدم کنيا، رياست جا سمورا اسٽيڪ هولڊر پاڪستان جي صوبن کي پنهنجو سمجهن. سندس چوڻ هو ته نئين پاڪستان ۾ اسان هڪ ٽيم بڻجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ننڍن ۽ وڏن صوبن ۾ فرق نه ڪنداسين، سڀ صوبا برابر آهن، بلوچستان ۾ احساس محرومي آهي، جيڪا ختم ڪنداسين، بلوچستان ترقي ڪندو ته پاڪستان ترقي ڪندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري تقرير تي حڪومت افضل قادري جي معذرت قبول ڪئي: نور الحق قادري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے