13 منگل , نومبر 2018

ڊيم چندي جي پيسن مان ناهن ٺهندا: شاهد خاقان عباسي

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ڊيمن جي تعمير لاءِ فنڊن واري مهم جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊيم چندي جي پيسن سان ناهن ٺهندا. شاهد خاقان عباسي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ اِهو به چيو ته بيانن ۽ ڳالهيون ڪرڻ سان به ڊيم ناهن بڻجندا. سندس چوڻ هو ته ملڪي مسئلن جو تعلق پيسن سان ناهي پر نظام ٺيڪ ڪرڻ ۾ آهي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته هو عدالتن جو احترام ڪندو آهي. هن ننڍين چونڊن بابت وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن موجوده حڪومت کي ننڍي اليڪشن ۾ شڪست ڏيندي. اسان ڏکين حالتن جو پهرين به مقابلو ڪيو ۽ اڳتي به ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے