20 منگل , نومبر 2018

ملڪ ۾ امير ۽ غريب جي لاءِ هڪ جهڙو تعليمي نظام هوندو: تعليم وارو وفاقي وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته 90 ڏينهن ۾ تعليمي پاليسي جوڙينداسين ۽ ملڪ ۾ امير ۽ غريب جي لاءِ هڪ جهڙو تعليمي نظام هوندو. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو صحافين سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان جو تعليم بابت ڪيئر ويزن آهي ۽ حڪومت تعليمي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ بندوبست ڪري رهي آهي.  هن چيو ته اڄ نيشنل ٽاسڪ فورس فار ايجوڪيشن جو اجلاس ٿيو جنهن تعليمي نظام ۾ بهتري لاءِ 4 سب ڪميٽيون بڻايون آهن. هن چيو ته 90 ڏينهن ۾ تعليمي پاليسي ڏني ويندي ۽ غريب ۽ امير جي لاءِ هڪ جهڙو تعليمي نظام هوندو. شفقت محمود مسلم ليگ ن جي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اڳوڻي پنجاب حڪومت ادارن کي تباهه ڪيو، اسڪل ڊيولپمينٽ جا موقعا سڀني کي ڏنا ويندا. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان کي ايندڙ مهيني تعليمي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بچاءَ واري وزير جي سينيٽ چيئرمين سان ملاقات، وزير اعظم جو پيغام پهچايو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے