17 ہفتہ , نومبر 2018

پي ڪي 23 شانگلا ۾ تحريڪ انصاف جي شوڪت يوسفزئي هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ماري ورتو

On Decision of Election Commission PK-23پشاور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي سيٽ پي ڪي 23 شانگلا ۾ ٻيهر ٿيندڙ پولنگ ۾ تحريڪ انصاف جو شوڪت يوسفزئي ڪامياب ٿي ويو آهي. 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ عورت ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 10 سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ سبب اليڪشن ڪميشن ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. اڄ تڪ ۾ صبح 8 وڳي شروع ٿيندڙ پولنگ جو عمل شام 6 وڳي تائين بنا وقفي جاري رهيو. تڪ جي 135 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف جو شوڪت يوسفزئي 42 هزار 116 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته ن ليگ جو محمد رشاد خان 22 هزار 315 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊ ۾ به تحريڪ انصاف جو شوڪت يوسفزئي 17 هزار 399 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، جڏهن ته ن ليگ جي رشاد خان 15 هزار 533 ووٽ کنيا هئا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے