21 بدھ , نومبر 2018

50 لک گهر رٿا لاءِ سفارشون طلب، قرض جي وياج ادائگي لاءِ به امداد وٺڻي پوي ٿي: وزيراعظم

50 Lakh Home: Guidelines to present final recommendations in the two weeksاسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان 50 لک گهر منصوبي تي ڪميٽي کي ايندڙ ٻن هفتن ۾ حتمي سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سڄي ملڪ ۾ 50 لک گهرن جي اسڪيم سان لاڳاپيل جائزي بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي هائوسنگ سيڪريٽري گهرن جي سالياني  گهرج ۽ هائوسنگ سيڪٽر ۾ قلت تي بريفنگ ڏني، جڏهن  ته سيڪريٽري خانگي شعبي کي 50 لک گهر منصوبي ۾ شريڪ ڪرڻ جي قانوني طريقيڪار تي پڻ بريف ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته اهڙو منصوبو ٺاهيو جو 50 لک گهر عام ماڻهو جي هر ضرورت پوري ڪري سگهن،  50 لک گهرن جي تعمير پي ٽي آءِ حڪومت جي ايجنڊا جو اهم حصو آهي، حڪومت بي گهر ماڻهن کي گهر ڏيڻ واري واعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته 50 لک گهر منصوبي سان لکين بيروزگار ماڻهن کي نوڪريون ملنديون، ان اسڪيم سان هائوسنگ سيڪٽر سان لاڳاپيل صنعتن کي ترقي ملندي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي قرضن تي وياج ادا ڪرڻ لاءِ  عالمي ادارن کان امداد وٺڻي پوندي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته وفاق، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ سرڪاري زمين، رهائشگاهن  جا 90 سيڪڙو انگ اکر مليا آهن، سرڪاري زمين جي ماليت بابت انگ اکر  هوش اڏائيندڙ حد تائين حيران ڪندڙ آهي. هن چيو ته  459، 34 ڪئنال سرڪاري زمين ديهي، 035، 17 ڪئنال کان وڌيڪ شهري علائقن ۾ آهي، رڳو شهري زمين تي اڏاوتن جي ماليت 300 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان کي قرضن تي وياج ادا ڪرڻ لاءِ عالمي ادارن کان امداد وٺڻي پوندي آهي،  پاڪستان جهڙو ملڪ 300 ارب رپيه هڪ هنڌ تي منجمد ڪري سگهي ٿو؟ 0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجند مان سنڌو ۾ ڇوڙ بند، پنجاب جي تڪراري ٽي پي لنڪ مان کڻت

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو ) تربيلا ۽ منگلا ڊيم مان روزانو هڪ کان 2 فٽ  پاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے