14 بدھ , نومبر 2018

لطف پيرزادو ٻلهڙيجي جي هنج ۾ سمهي پيو، ڀٽائي جي بيتن سان ڀيٽا

ڏوڪري (ت ر) لطيف جي پارکو، اديب ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ ڪامريڊ نظير عباسي جي ويجهي ساٿي ۽ شهيد سرويچ پيرزادو جي والد لطف پيرزادو جي مڙھ کي سخي شاھ جمال جي قبرستان ۾ دفنايو ويو، جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي صحافتي ڌرين جي ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ليکڪ انور ڏنگڙائي ۽ اقرار پيرزادي لطيف جا بيت پڙهي لطف پيرزادو کي ڀيٽا ڏني، هوڏانهن سندس پونئيرن صحافي عنايت پيرزادو، شعور پيرزادو سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، اديب تاج جويو، اخلاق انصاري، محمد علي پٺاڻ، مختيار جاگيراڻي، شفيق اريجو، گدا حسين شاهه، نور سنڌي،د ودو ديشي، رمضان جوڻيجو، قاضي آفتاب، اسد ٻگهيو، ياسر منگي، انور ڏنگڙائي، حاڪم منگي ۽ ٻين تڏي تي پهچي ڏک جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي تاج جويو اخلاق انصاري، محمد علي پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته لطف پيرزادو گهڻ پاسائي شخصيت هو، سندس ڪيل ڪم هميشه ياد رکيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪينڊين پرڏيهي وزير جو شاهه محمود سان رابطو، آسيا بي بي معاملي تي ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي سندس ڪينيڊين هم منصب ٽيليفون ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے