15 جمعرات , نومبر 2018

عوامي تحريڪ سنڌوءَ تي ڊيمن جي تعمير خلاف احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ حورالنساءَ پليجو، نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، ايڊووڪيٽ غلام نبي کوسو، ڏاڏا عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ وسند ٿري، لال جروار، اسماعيل خاصخيلي، اظهر دائودپوٽو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڊيمن بابت هلندڙ مهم جي سخت  لفظن ۾ مذمت ڪندي فيصلو ڪيو ويو ته سنڌو درياءَ تي ڀاشا ڊيم ۽ ٻين ڊيمن جي اڏاوت خلاف 28، 29 ۽ 30 سيپٽمبر تي ٽي ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان احتجاجي بک هڙتال ڪئي ويندي، احتجاج ۾ شرڪت لاءِ سياسي، سماجي ڌرين، ساڃاهه وندن، اديبن، دانشورن، شاعرن، قلمڪارن، صحافين، وڪيلن، هارين، آبادگارن، مزدورن، استادن، شاگرد اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري سڏ ڏنو ويندو، اجلاس ۾ چيو ويو ته ارسا چشمه – جهلم ۽ پنجند ڌاڙيل ڪئنالن ۾ 18 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي منظور ڏئي ثابت ڪيو آهي ته ارسا وفاقي ادارو نه پر پنجاب جي نمائندگي ڪندڙ ادارو آهي، سنڌ سان وفاق جو اهڙو سلوڪ ماٽيلي ماءُ وارو آهي، هڪ طرف سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن جو سلسلو جاري آهي ته ٻي طرف سنڌ جي پاڻي تي وڌيڪ ڌاڙا هڻڻ لاءِ وزير اعظم عمران خان ڀاشا ڊيم لاءِ فنڊ جون اپيلون ڪري سنڌ جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيو آهي، اجلاس ۾ چيو ويو ته وفاقي سرڪار ڏنڊي جي زور تي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ وارو سلسلو بند ڪري، اجلاس ۾ چيو ويو ته ملڪ جي ڪنهن به اداري کي اهڙو ڪو به اختيار نه ناهي ته هو قومن جي تقديرن جا فيصلا ڪري.

آرمي چيف ڊيم فنڊ لاءِ هڪ ارب، 59 لک جو چيڪ چيف جسٽس حوالي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد   (بيورو) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار سان ڪالهه سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات ڪئي. اعليٰ عدليه پاران جاري پڌرائي موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار کي هڪ ارب 59 لک 19 هزار رپين جو چيڪ سپريم ڪورٽ جي ديامر ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم فنڊ ۾ عطيي طور ڏنو.هوڏانهن آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽر جنرل ميجر آصف غفور جي جاري ٽوئيٽ موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪ فوج هڪ قومي اِداري جي حيثيت سان قومي تعمير جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. جنرل قمر جاويد باجوا جي چيف جسٽس سان ملاقات جي حوالي سان جاري ٽوئيٽ ۾ چيو ته آرمي چيف پاڪ فوج جي اهلڪارن ۽ ان جي فلاحي ادارن طرفان ڊيم فنڊ لاءِ هڪ ارب 59 لک 19 هزار رپين جو چيڪ عطيي طور چيف جسٽس جي حوالي ڪيو. راڳي عاطف اسلم چيف جسٽس جي ڊيمز فنڊ ۾ 25 لک رپيا جمع ڪرائي ڇڏيا. ميڊيا جي رپورٽن موجب عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني راڳي عاطف اسلم چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي  اسلام آباد ۾ قائم سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ ڊيمز فنڊ لاءِ 25 لک رپين جو چيڪ چيف جسٽس حوالي ڪيو. چيف جسٽس ڊيمز لاءِ رقم فراهم ڪرڻ تي عاطف اسلم جا ٿورا مڃيا. گذريل ڏينهن آءِ سي سي ايليٽ پينل ۾ شامل پاڪستاني امپائر عليم ڊار پڻ ڊيم فنڊ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندي 10 هزار ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڊيمز فنڊ لاءِ 32 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. قذافي اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪپتان سرفرا احمد چيو ته ايشيا ڪپ جي تياري لاءِ ڪيمپ ۾ شريڪ چونڊيل 16 رڪني اسڪواڊ ڊيمز جي تعيمراتي فنڊ لاءِ 2، 2 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. 029

ڊيمن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ عدالتي اختيار اورانگهڻ برابر آهي: جسم

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي چيف آرگنائيزر ھاشم کوسي پنھنجي بيان ۾ چيو آھي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو ڪردار ۽ ڪيل فيصلا قانون ۽ انصاف جي خلاف آھن، عدالتن جو ڪم ماڻھن کي قانون مطابق انصاف ڏيڻ آھي پر بدقسمتي سان پاڪستان جون عدالتون ماڻھن کي انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام ويون آھن، پوءِ اھو رنڪل ڪماريءَ جو ڪيس ھجي يا سنڌ مان سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين جو معاملو، پاڪساني عدالتن ڏتڙيل ۽ مسڪين ماڻھن سان انصاف ناھي ڪيو، جڏھن ته عدالتن جو سياسي ۽ انتظامي معاملن تي فوڪس ڪرڻ ايتري حد تائين جو تڪراري ۽ ٽن صوبن طرفان رد ڪيل ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين پاڻيءَ جھڙن حساس منصوبن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ ۽  فيصلا ڏيڻ عدالتن جي دائري اختيار کان ٻاھر جو معاملو آھي، هن ملڪ جون عدالتون ماڻھن کي انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام وينديون آھن اھي ملڪ ۽ معاشرا انتشار جو شڪار رھندا آھن، ھن ملڪ ۾ فيصلا رڳو بندوق/طاقت جي زور تي ڪيا ويندا آھن، جنھن جو فائدو صرف پنجاب کي ٿيندو آھي، تازو ڊيمن لاءِ حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ طرفان چندو گڏ ڪرڻ واري فيصلي کي مڪمل رد ڪيون ٿا، پھريان ٿيل پاڻي معاھدن تي مڪمل طور عمل ڪرائي ۽ اھڙا تڪراري منصوبا ٺاھڻ کان پاسو ڪري ٻي صورت ۾ سنڌ جا ماڻھو اھڙن منصوبن خلاف مزاحمت ڪندا،  بيان ۾ نواب شاھ يونيورسٽي ۾ هراسمينٽ جو شڪار ٿيل شاگردياڻي فرزانا جمالي سان انصاف جي گهر ڪئي وئي.

 

سنڌو تي ڊيم ٺهڻ نه،ڏينداسين، درياءَ جا وارث آهيون، مالڪي ڪرڻ ڄاڻو ٿا: صنعان قريشي

پڊعيدن/فيض گنج (نمائندن وٽان) پڊعيدن ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي جو چاليهو  پڊعيدن ۾ ملهايو ويو، جلسي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مهيسر، ڪيهر انصاري، ديدار شام، مومن سمون، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سورٺ لوهار ۽ امام بخش عمراڻي جي اڳواڻي ۾ ساگر حنيف بڙدي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ قومي سلامي پيش ڪيو.  ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته ساگر حنيف سنڌ جو قومي ڪردار هو، عدليا هجي يا عمران جي گورنمينٽ سنڌو تي ڊيم ٺاهي نه ٿا سگهن، سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وارث آهيون، سنڌ وطن جي مالڪي ڪنداسين، جسقم مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر چيو ته ساگر جي وڇوڙي جي غم کي تنظيم ۾ تبديل ڪنداسين، سنڌ جي آزادي جي ڳالھه ڪرڻ تي غدار چيو وڃي ٿو، سنڌ جي مسئلن تي سياسي جدوجهد ڪندا رهنداسين، ديدار شام چيو ته ماڻهو جو مرڻ فطري عمل آهي، پر ڪردار کي موت نٿو اچي سگهي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ساگر نه رڳو پنهنجي اولاد کي يتيم ڪيو پر سندس وڇوڙي  سياسي مخالفن کي صدمو ڏنو آهي.  امير آزاد پنهور چيو ته ساگر سنڌ پرست ۽ سنڌ يار هو، نواز خان زنئور چيو ته ساگر حنيف پنهنجي زندگيءَ ۾ بلند مقام تي پهتو، عدليا زوري رياست جي سگهه استعمال ڪري چندو وٺي سنڌو تي ڊيم ٺاهڻ گهري ٿي،  سورهيه سنڌي چيو ته تاريخ ڪڏهن به وطن جي آزاديءَ جي ڳالهھ ڪندڙ کي نٿي وساري سگھي، هاشم کوسو چيو ته ساگر حنيف ساگر پارٽي کان شروعات ڪئي، سائين جي ايم سيد جي فڪر تي آخري دم تائين نڀايو،  سورٺ لوهار چيو ته ساگر مسنگ پرسن جي جدوجهد ۾ گڏ هو، تاج جويي چيو ته ساگر علمي ۽ فڪري ماڻهو هو، هي لطيف جو پارکو هو، هي سيد جو سچو پيروڪار هو سندس ڪردار کي سدائين ياد رکيو ويندو.  ڪيهر انصاري، مومن سمون، صفدر تنيو، امام بخش عمراڻي، ايس. يو. پي اڳواڻ نياز حسين پنهور ۽ ٻين خيالن جو اظهار ڪيو. قومي شاعر هارون پنهور ۽ ساجد سنڌي گيت ڳايا. جڏهن ته اسٽيج تي ساگر حنيف جون نياڻيون ورکا ۽ رچنا سميت وڏي انگ ۾ عورتون موجود هيو.ن

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪينڊين پرڏيهي وزير جو شاهه محمود سان رابطو، آسيا بي بي معاملي تي ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي سندس ڪينيڊين هم منصب ٽيليفون ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے