15 جمعرات , نومبر 2018

سي پيڪ روڪڻ زيادتي هوندي، حڪومت جا هٿ روڪينداسين: نواز ليگ

اسلام آباد( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته سي پيڪ کي منجمد ڪرڻ 22 ڪروڙ عوام سان زيادتي هوندي، سي پيڪ گيم چئنجر آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته گئس، بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو باقاعده ميڊيا تي اعلان ٿيو  هاڻي اي سي سي مان گئس جا اگهه ملتوي ٿيڻ جي خبر آئي آهي، توهان فيصلو ڪيو ته فيصلو ڪري پوئتي هٽڻ سان ڪهڙو تاثر ملندو. هن چيو ته  سي پيڪ سان پاڪستان کي وڏو فائدو ٿيندو ۽ ڪاروبار کي هٿي ملندي، سي پيڪ گيم چئنجر آهي، اها زيادتي نه ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته  سي پيڪ پاڪستان لاءِ الله جو تحفو آهي. مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا کي رول بيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته رڳو مخالفت نه پر حڪومت جا هٿ به روڪينداسين. هڪ انٽرويو ۾ احسن اقبال چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي شفاف ترين رٿائن مان هڪ آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين جي اعليٰ ترين عهديدارن سنجيدگي سان ڪم ڪيو، ان حوالي سان قوم ۾ بدگماني پکيڙڻ سموري قوم سان دشمني برابر آهي. هن چيو ته  چين تنهن وقت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪئي جڏهن ڪو ملڪ پاڪستان ۾ 10 رپيا سيڙپڪاري به نه ڪرڻ چاهيندو هو، رٿا پاڪستان جي معيشت کي سنڀاليو آهي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ چوڌاري آپريشن، ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي تاريخي عمارت ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي دڪانن ڊاهڻ بعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے