20 منگل , نومبر 2018

ميهڙ پوليس جو شڪي مقابلو، غوثپور واسي استاد سميت 2 ڄڻا گوليون هڻي ماري ڇڏيا

فريدآباد/غوثپور (رپورٽ: معشوق چانڊيو+غلام محمد اوڳاهي ) فريدآباد لڳ شاه گودڙيو ،فريدآباد ٿاڻن جي حد ۾ رات جي وقت نئين دلا وٽ سي آءِ ڊي پوليس ڪنڌ ڪوٽ واسي پرائمري استاد عبدالفتاح اوڳاهي ۽ شهزاد ڀيو  کي مقابلو ڄاڻائي گوليون هڻي ماري ڇڏيو آهي، جڏهن ته فريدآباد پوليس  نوجوانن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ميهڙ تعلقا اسپتال کڻائي وئي، جڏهن ته فريدآباد ٿاڻي تي ايس ايڇ او عبدالرحمان ڌاريجو جي سرڪاري فرياد تي گناه نمبر 46، 2018، قلم 223، 353 پي پي سي تحت مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ ايس ايڇ او فريدآباد ڄاڻايو آهي ته ڳجهي اطلاع تي هٿياربندن جو پيڇو ڪيو، اسان کي ڏسي فائرنگ ڪئي جوابي فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا، ۽ 2 ڄڻا فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته علائقي ۾ اهي به افواهه هلي رهيا آهن ته چار پوليس موبائيلن ۾ سوار اهلڪارن رات جي وقت نيئن دلا وٽ ٻن همراهن کي پوليس موبائيلن مان لاهي ٻنهي ڄڻن کي گوليون هڻي ماريو آهي جڏهن ته مقابلي کان ٻه ڏينهن اڳ نئون ايس ايڇ او عبدالراحمان ڌاريجو کي مقرر ڪيو ويو، جنهن جي اچڻ سان ئي سرڪاري مدعيت ۾ مقابلي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن صحافين پاران ٿاڻي جي وڏي منشي بشير لاکير کان پوليس جي شڪي سرگرمين بابت پڇا ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي ڪا به خبر ناهي جڏهن ته نئون آيل ايس ايڇ او فريدآباد پنهنجا موبائيل نمبر بند ڪري ڇڏيا، جڏهن ته پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جو دادو ضلعي جي ٿاڻن تي ڪوبه ڏوهاري رڪارڊ ڏيکاري نه سگهي. ٻنهي نوجوانن جا لاش ميهڙ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان پوءِ ڪيترائي ڪلاڪ اسپتال پيل رهيا، اطلاع ملڻ تي مقتولن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا عبد الفتاح اوڳاهي جو لاش کڻڻ لاءِ وارث ميهڙ روانا ٿي ويا چئوٻول آهن ته ٽي ڏينهن اڳ عبد الفتاح اوڳاهي مير هزار اوڳاهي سان ڪراچي وڃي رهيو هو ته ميهڙ پوليس کين گرفتار ڪري ڳري رشوت گهري هئي جيڪا نه ڏيڻ تان ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي کيس قتل ڪري ڇڏيو مقتول جي دوست مير هزار اوڳاهي کي به ميهڙ پوليس گم ڪري ڇڏيو آهي ٻنهي نوجوانن جي قتل کان پوءِ غوثپور شهر  ۾ تاءُ پکڙجي ويو، مقتول جي گهر ڀاتين پوليس کي پٽون ۽ پاراتا ڏنا.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

اينٽي ڪرپشن ڪم نه ڪيو ته سندس خلاف ڪيس نئب کي موڪليون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪم نٿو ٿئي ته اينٽي ڪرپشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے