21 بدھ , نومبر 2018

ميڊيا ججن جي بيعزتي نه ڪري، ڪيسن تي پروگرامن سان جج ذهن ٺاهن ٿا: چيف جسٽس

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabadاسلام آباد ( م ڊ ) چيف جسٽس ثاقب نثار  چيو آهي ته پاڪستان قائد اعظم جي تصورن کان هٽي چڪو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ نئين عدالتي سال جي شروعات تي فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته پاڪستان قائد اعظم جي ويزن کان هٽي چڪو آهي، خراب حڪمراني ۽ ناانصافي معاشري ۾ گهر ڪري وئي آهي، بنيادي حقن جي فراهمي لاءِ عدالت پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڊيم ٺاهڻ لاءِ حڪومت کي هدايت ڏيڻ اهم ترين فيصلو هو. هن چيو ته گذريل عدالتي سال ۾ 19 هزار ڪيس اڪلايا ويا، اها شرح پنجن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، غير سنجيده ڪيس عدالت جي بار ۾ اضافو ڪندا آهن، التوا هيٺ ڪيس اڪلائڻ ۾ التوا ۽ رنڊڪن جا بهانا آهن ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ زهر قاتل آهن. اٽارني جنرل انور منصور خان چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ گذريل سال 36 هزار 501 ڪيس داخل ٿيا، جنهن ۾ 28 هزار 970 اڪلايا ويا، انصاف جي فراهمي ۾ پاڪستان 113 مان 106 هين نمبر تي آهي، عدليه کي پنهنجي آزادي هر قيمت تي برقرار رکڻ گهرجي، انصاف ٿيڻ گهرجي ڀلي آسمان ڇو نه ڪري پوي. چيف جسٽس چيو ته نظام جون خرابيون ختم ڪرڻ بنا انصاف جي حاصلات ۾ ڪاميابي ممڪن نه آهي. قانون جي حڪمراني شفافيت ۽ احتساب سان قائد جي ويزن تي ملڪ کي ٻيهر آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته نجي ٽي وي چينل عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن تي پروگرام نه ڪن. ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان جج پنهنجو ذهن جوڙي وٺندا آهن. هن چيو ته ميڊيا کي عدالتي فيصلن تي تنقيد جو حق آهي پر اهڙي تنقيد جو حق نه ٿو ڏئي سگهجي جنهن سان ججن جي بي عزتي ٿئي. اٽارني جنرل چيو ته ڪيسن تي خرچ گهٽائڻو پوندو.ڇاڪاڻ ته خرچ عام ماڻهو جي  پهچ مان نڪري چڪا آهن. پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ڪامران مرتضيٰ چيو ته آرٽيڪل 184 ٿري تحت پاڻمرادن نوٽيسن تي ماڻهن کي سخت خدشا آهن ۽ ان معاملي تي فل ڪورٽ ۾ بحث ڪيو وڃي. چيف جسٽس جيڪو به قدم کڻي ان تي ٻين ججن سان به صلاح ڪري. هن چيو ته چيف جسٽس چئن مهينن ۾ رٽائر ٿيندو. ان لاءِ ن جا قدم چاهي سٺا هجن يا خراب انهن ۾ تسلسل هجڻ گهرجي. ايئن نه ٿئي جو ايندڙ چيف جسٽس مرضي جا ڪم ڪرڻ شروع ڪري. ججن جي مقرري واري قانون ۾ ترميم ٿيڻ گهرجي. ڪميٽي ۾ بار جو نمائندو به هوندو آهي پر ان سان بامصد صلاح نه ٿي ڪئي وڃي. پنجن سينيئر ججن کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي صلاح کي اهميت نه ٿي ملي. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجند مان سنڌو ۾ ڇوڙ بند، پنجاب جي تڪراري ٽي پي لنڪ مان کڻت

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو ) تربيلا ۽ منگلا ڊيم مان روزانو هڪ کان 2 فٽ  پاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے