16 جمعہ , نومبر 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي سانحي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي سانحي جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ 12 مئي سانحي 2017ع بابت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي جاچ لاءِ جوڊيشل ٽربيونل بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  عدالتي فيصلي ۾ سنڌ سرڪار کان ٻن هفتن ۾ عملدرآمد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ته جڏهن ته عدالت اي ڪلاس تحت ختم ڪيل 65 ڪيس ٻيهر کولڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. 2 رڪني بئنچ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ڪيسن جي مانيٽرنگ لاءِ جج به مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي جي متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي بابت رپورٽ به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. 12 مئي تي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي آمد تي شهر کي رت سان وهنجاريو ويو. رتوڇاڻ ۾ وڪيلن سميت 48 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے