14 بدھ , نومبر 2018

وڌيڪ 6 وفاقي ۽ ممڪلتي وزيرن عهدي جو قسم کڻي ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا ۾ شامل 6 نون وزيرن ۽ ممڪلتي وزيرن پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ ٿيل تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي نون وزيرن ۽ ممڪلتي وزيرن کان عهدي جو قسم ورتو.  تقريب دوران علي محمد خان مهر، عمر ايوب، حيدر علي زيدي وفاقي وزير، جڏهن ته مراد سعيد، محمد شبير علي ۽ محمد حماد اظهر ممڪلتي وزير طور عهدي جو قسم کنيو.  20 آگسٽ تي وزيراعظم عمران خان جي شروعاتي 16 رڪني ڪابينا قسم کنيو هو جڏهن ته ساڳي ڏينهن 5 صلاحڪارن جا به نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا جنهن بعد اهو تعداد 21 ٿي ويو هو. شهريار آفريدي کي ڪابينا ۾ شامل ڪري گهرو ممڪلتي وزير جو قلمدان ڏنو ويو. 6 نون وزيرن ۽ ممڪلتي وزيرن جي شموليت کانپوءِ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو تعداد 28 ٿي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے