18 اتوار , نومبر 2018

دنيا جي سڀ کان وڏي سرچ انجڻ گوگل جا فائدا

The world's largest search engine Google benefitsڪراچي(رپورٽ ايس ايس  ) سرچ انجڻ گوگل کي هن مهيني ويهه ورهيه مڪمل ٿي چڪا آهن( باقاعدا طور تي 27 سپٽمبر تي ٿيندي پر سرچ سروس 4 سپٽمبر تي شروع ڪئي وئي هئي)  سرچ انجڻ گوگل تي ماڻهو ايترو ته ڀاڙي رهيا آهن جو 2013 ۾ گوگل ويب سائيٽ ڊائون ٿيڻ تي عالمي سطح تي انٽرنيٽ ٽريفڪ ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي هئي. انٽرنيٽ جي دنيا تي گوگل جي نالي کان ڪير واقف ناهي پر ڇا توهان کي اُهي ڏينهن ياد آهن جڏهن ان سرچ انجڻ جي اچڻ کان اڳ گذاريندا هئا؟  ان ۾ ڪيترين تڪليف هوندي هئي اسان کي ڪاغذي نقشا استعمال ڪرڻا پوندا هئا، ٻولي سکڻي پوندي هئي ۽ پاڻ وٽ هڪ ڊڪشنري رکڻي پوندي هئي. پر اڄ ڪلهه ڇا ان جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي؟ جيڪڏهن اهو سڀ ضرورتون محسوس ناهن ٿي رهيون  ته اهو دنيا جي سڀ کان مشهور ترين سرچ ويب سائيٽ گوگل جو ڪمال آهي، ان حوالي سان اڄ اسان توهان کي اهو ٻڌائينداسين ته جيڪڏهن گوگل نه هجي ها ته اسان ڪيئن هجون ها

لفظن کي هجي يا اسپيلنگ، پوءِ کڻي آسان ئي ڇو نه هجي

گوگل نه هجي ها ته اسان کي هاڻ به هر لفظ جي اسيلنگ ياد رکڻا پون اهو ڪيترو پريشان ڪندڙ ثابت ٿئي ها ان جو اندازو پاڪستان جهڙن ملڪن کي انهن ٻارن کان پڇڻ گهرجي جن جو نصاب کي رٽ ڪري امتحانن ۾ڪامياب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

ماڻهن جي حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪرڻ

جي ها اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته فيسبڪ ڪيترائي ڀيرا ان حوالي سان بيڪار ثابت ٿيندو آهي، ۽ جيڪڏهن گوگل نه هجي ها ته توهان فيسبڪ جي ئي ڳولا ڪيئن ڪيو ها؟

رستن جي معلومات(گوگل ميپ)

هاڻ اسان کي ڪنهن جو گهر يا آفيس وغيرا جي ڳولا ڪرڻ لاءِ پنهنجي يادگيري ۽ نظر تي ڀاڙڻ جي ضرورت ناهي پوءِ کڻي اهو ڪجهه وکن جي فاصلي تي ئي قائم ڇو نه هجي، پر گوگل ميپ آخر ڪنهن لاءِ موجود آهي، گهٽ ۾ گهٽ سمارٽ فون واهيپدارن ۾ ته اهو رحجان تمام گهڻو عام آهي.

کاڌو تيار ڪرڻ جي ترڪيب

 اڄ جي نسل کي کاڌو تيار ڪرڻ وارين ترڪيبن کي ياد رکڻ جي ضرورت ناهي پوندي هي ته ڪجهه به تيار ڪرڻ لاءِ سڌو  سنئون گوگل جو رخ ڪندا آهن، ۽ جيڪڏهن گهر ۾ پسند ايندڙ کاڌن لاءِ گهربل شيون موجود ناهن ته ڪا ڳالهه ناهي گوگل ڪاڏي ڀڳو ٿوڙئي ٿو وڃي ڪنهن به شيءِ جي ڳولا ڪرڻ ۾ ڪهڙي تڪليف آهي.

آفيس ۾ تفريح

اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته اسان جي توجهه جي صلاحيت ڪٿي گم ٿي وئي آهي پر ڪا به پرواهه ناهي، گوگل جي مدد سان اسان هر ڪلاڪ بعد يوٽيوب تي هڪ نئين ويڊيو مان لطف حاصل ڪري سگهون ٿا يا ڪيترائي ڀيرا ته تفريح لاءِ پنهنجي گهر جي ايڊريس ئي گوگل تي سرچ ڪري ڏسندا آهيون ته اسان جي آس پاس ڇا ٿي رهيو آهي.

 مشهور شخصيتن جا نالا ياد رکڻ

 گوگل اميج جي ذريعي هاڻ اسان کي ياد رهندو آهي ته آخر ايمي ايڊمز يا جنيفر لارنس ڪير آهن، پر ڇا ان کان اڳ هڪ يا ٻن کانسواءِ هالي ووڊ جي فنڪارن جون صورتون ۽ نالا ڪنهن کي ياد هئا؟

ڊرائيونگ ڪرڻ جي پريشاني مان ڇٽڪارو

ٺيڪ آ اڃان گوگل جون پاڻ ڊرائيونگ ڪرڻ واريون گاڏيون موجود ناهن، پر آمريڪا ۾ ته انهن کي روڊن تي هلائڻ جي اجازت ملڻ شروع ٿي چڪي آهي ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن اسان جهڙين اناڙين کي گاڏي پارڪ ڪرڻ واري تڪليف مان ڇٽڪارو ملي ويندو.

فلمن جي ريليز جي وقت پتو لڳائڻ

هاڻ هر هڪ جڏهن چاهيو گوگل تي سرچ ڪري ڄاڻي سگهو ٿا ته ان جي پسنديدا فلم ڪڏهن ريليز ٿي رهي آهي پر اهي  ته گوگل ذريعي فلم جي سينما ۾ ريليز ٿيڻ جي تاريخ ۽ بڪنگ پڻ ڪرائي سگهن ٿا. ڇا اخبارون اهڙي سهولت ڏئي سگهن ٿيون؟

انگريزي کانسواءِ  ڪري ٻين ٻولين کي سمجهڻ

هاڻ اهو جملو ڏسي وٺو Solíamos ser capaces de aprender idiomas, pero ahora sólo tiene que utilizar  سمجهه ۾ نٿو اچي نه؟ گوگل ٽرانسلٽ ۾ وڃي آساني سان ان جو ترجمو انگريزي ۾ پڙهي سگهو ٿا.

گڏيل ڇڪتاڻ مان ڇٽڪارو

ڇا توهان کي ياد آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح جو پهريون اسڪول ڪهڙو هو؟ جيڪڏهن توهان جو جواب کي ڪو صحيح يا غلط قرار ڏي ته به  ان سان بحث جي ضرورت ناهي بس سڌو وڃي سرچ انجڻ گوگل تي سرچ ڪري پنهنجو جواب حاصل ڪيو.

مشهور قول ياد رکڻ

جيڪڏهن ڪنهن شخصيت جا قل پورا ياد نه پيا اچن ته گوگل جي آٽو ڪمپليٽ فيچر ذريعي ڪجهه سيڪنڊن ۾ ڄاڻي سگهو ٿا.

 لفظن جي معنيٰ ياد رکڻ

ڪيترائي دفعا ماڻهو ڳالهه ٻولهه دوران اهڙا لفظ ڳالهائيندا آهيون جيڪي سمجهه ۾ ناهن ايندا، ته پوءِ بس فون ڪڍو ۽ گوگل تان ان جي معنيٰ جو پتو لڳايو.

انٽرنيٽ ايڪسپلورر زندا آهي

جيڪڏهن توهان کي ڪڏهن( يعني تازو ئي) انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي استعمال ڪرڻ جو موقعو مليو هجي ته اهو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته گوگل ڪروم ان جي ڀيٽ ۾ ڪيترو تيز آهي ۽ فائديمند آهي، جيڪڏهن گوگل نه هجي ها ته اسان اڃان تائين انٽرنيٽ ايڪسپولرر کي استعمال ڪرڻ تي مجبور هجون ها.

اينڊرائيڊ فون ڪڏهن به سامهون نه اچن ها

 هاڻ ته هر روز ڪو نه ڪو نئون سمارٽ فون سامهون اچي رهيو آهي جيڪو گوگل جي تيار ڪيل اينڊرائيڊ سسٽم تي ڪم ڪندو آهي، پر گوگل نه هجي ها ته اهو سسٽم پڻ نه هجي ها ۽ ماڻهن کي مهانگن آءِ فونن يا سست رفتاري ونڊوز فونن تي گذارو ڪرڻو پوي ها.

اي ميل ڪرڻ

جي ها گوگل کان اڳ هاءِ ميل يا ياهو ميل جو راڄ هوندو هو پر جيڪڏهن گوگل نه هجي ها ته ماڻهو اڃان تائين جي ميل جهڙي آسان  اي ميل سروس مان فائدو حاصل نه ڪري سگهن ها جيڪا هاڻ پروفيشنل ماڻهن جي پهرين ترجيح آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

روشني سان دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ جي تياري

سڊني(ويب ڊيسڪ)دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ تيار ڪرڻ جي ڪششن  ۾ آسٽريليا جي تحقيق به …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے