15 جمعرات , نومبر 2018

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ ڊيم لاءِ گڏ ٿيندڙ چندو

مظهر  خاصخيلي

وزيراعظم عمران خان پاڻي کي ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو قرار ڏيندي نوان ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي چنڊو ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي ۽ هن  وڊيو پيغام وسيلي چيو آهي ته ملڪ وڏن مسئلن جي ور چڙهيل آهي اڳ ۾ ملڪ تي 6 هزار ارب ڊالر قرض هو جيڪو وڌي 30 هزار ارب ڊالر ٿي ويو آهي هن چيو ته قرض لاهڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ هن وقت ملڪ جا اهم ترين مسئلا آهن .

ملڪ اندر جيڪا پاڻي جي کوٽ واري صورت حال آهي ۽ ان جي ڪري سڀ کان گهڻو ڀوڳڻو سنڌ کي پوي ٿو ۽ سنڌ جا رهواسي ڪنهن به نئين ڊيم ٺاهڻ جا حامي ناهن ۽ انهن جي مٿان ڪجهه ماڻهو جيڪي پنهنجو پاڻ کي هن ملڪ جو وڏو محب وطن ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي سنڌي ماڻهن مٿان الزام هڻندي انهن کي ملڪ جو غدار سڏيندي به دير نٿا ڪن ۽ سڀ کان تڪليف ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته سنڌي ماڻهن هن ملڪ کي ٺهرائڻ جي لاءِ سڀ کان گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن پر ڪجهه ملڪ جا پنهنجو پاڻ کي ڪل عقل سمجهندڙ فرد پنهنجي ذهن مان اها ڳالهه ڪڍي ڇڏن ته هو سنڌي ماڻهن جي نڙي تي نهن رکي چون ته اوهان کي ڦٿڪڻ جو به حق ناهي دنيا اندر هر ماڻهو اها ڳالهه ڪري ٿو ته پاڻي کان سواءِ ماڻهو زندهه نٿو رهي سگهي ۽ سنڌي ماڻهو به سالن کان وٺي اهو چوندا ٿا اچن ته اسان جو جيڪڏهن پاڻي بند ڪيو ويندو ته اسان زندهه رهي نه سگهنداسين ۽ جيتوڻيڪ دنيا جو اهو مڃيل عالمي قانون آهي ته درياهن، واهن، ڪئنال، توڙي واٽرن تي پهريون حق پڇڙي وارن جو هوندو آهي ۽ پڇڙي وارن جي مرضي بنا درياهن، ڪئنالن توڙي واٽرن تي ڪو به بند ٻڌڻ ڪو به ڪنڊو ڏيڻ غير قانوني عمل هوندو آهي پر پنجاب انگريز راڄ کان وٺي دنيا جي عالمي اصولن معاهدن جي ڪڏهن به پاسداري نه ڪئي نه وري سنڌو جو پاڻي چورائڻ واري روش بند ڪئي، ايتري قدر جو انگريز دور ۾ به پنجاب هميشه گوري سامراج سان هر ڪڌي عمل ۾ وفاداري نڀائڻ جي ڪري نور نظر رهيو پر ان هوندي به اڄوڪي پاڪستان جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي انگريز راڄ ۾ وري به پاڻي جو جائز حصو ملندو رهيو ۽ سنڌ انڊس بيسن درياهن يعني سنڌو جهلم، چناب، راوي، بياس ۽ ستلج جي پاڻي جي پڇڙي واري ڌر جي حيثيت ۾ حصيوار ۽ ڀاڱيوار هئي ۽ آهي پر پنجاب جي اختيارين برطانوي راڄ ۾ پنهنجي وفاداري جو فائدو وٺندي انڊس بيسن درياهن تي ناجائز طور ڊيم ڪئنال ۽ واهه ٺاهڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو جنهن جو ثبوت 1855 کان 1901ع جي عرصي تائين تعمير ڪيل سرهندي ڪئنال، لوئر چناب ڪئنال ۽ لوئر جهلم ڪئنال آهن ۽ ساڳي ريت 1908ع ۾ پهاڙپور ڪئنال، 1917 ۾ اپر سوات ڪئنال، 1915 ۾ جلهم ڪئنال، چناب ڪئنال، لوئر بالي ڪئنال ۽ وڏي ڳالهه ته 1919 ع ۾ سنڌو درياهه کي لاڳيتو ٻنڊو ڏيڻ لاءِ 1919ع ۾ ستلج ويلي منصوبي تحت 11 ڪئنال ۽ 4 ٻيا آبپاشي جا منصوبا جوڙڻ جي رٿابندي ڪئي وئي هئي. جڏهن  سنڌوءَ تي ان وقت ڌاڙي هڻڻ واري ڪوشش ٿي رهي هئي ته سنڌي ماڻهو انگريز سرڪار اڳيان دانهڻ شروع ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ برطانوي حڪومت ان جو نوٽس ورتو اها دانهن جڏهن مرڪزي سرڪار ڏانهن وئي ۽ انگريز سرڪار ڪاٽن ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو ۽ پنجاب کي نوٽيس ڏنو ته سنڌ جي مرضي کان سواءِ سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم ڪو به ڪئنال ڪو به واهه کوٽڻ ۽ ٺاهڻ غير قانوني، غير آئيني عمل هوندو ۽ ان تي ڪو به منصوبو پنجاب پنهنجي مرضي سان جوڙي نه ٿو سگهي اڃا انگريز سرڪار جي انهيءَ حڪم نامي کي چند ڏينهن ئي گذريا ته 1935 ع ۾ پنجاب اهو اعتراض واريو ته سکر بئراج سنڌو درياهه تي ٺاهڻ غير آئيني آهي ڪيڏي نه حيرت ٿئي ٿي جو سنڌ جي سرزمين تي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ به پنجاب کي سنڌ اندر سنڌو درياهه تي بئراج ٺاهڻ تي به اعتراض هو جيڪڏهن انگريز سرڪار ان وقت موجوده سکر بئراج نه جوڙي ها ته شايد 47ع کان پوءِ سنڌ کي نه سکر بئراج نصيب ٿئي ها نه وري موجوده واهه نصيب ٿين ها. انهيءَ 35ع واري دور ۾ انگريز سرڪار اينڊرسن ڪميٽي جوڙي جنهن جي رپورٽ 30 مارچ 1937ع تي جاري ڪندي پنجاب جي سکر بئراج واري اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو پر پوءِ به هڪ ڏينهن لاءِ اها سازش بند نه ٿي غير قانوني ۽ ڏاڍ جي بنياد تي آبپاشي وارا منصوبا جوڙڻ وارو سلسلو جاري رکيو ويو وري به ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي ڀيٽ ۾ انگريز سرڪار پنجاب کي هميشهه سنڌوءَ جو پاڻي چورائڻ تي بندش هڻندو رهيو جڏهن ته پنجاب جون اهي ڀڃڪڙيون جاري رهيون جڏهن اهي ڀڃڪڙيون جاري رهيون ته سنڌي ماڻهن جي دانهن تي 1945ع ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ سنڌ طاس معاهدو ڪرايو ويو ۽ اهو معاهدو ڪلڪته هاءِ ڪورٽ جي اڳواڻي ۾ تڏهوڪي چيف جسٽس راءِ جي فيصلي طور ٺاهه ڪيو ويو جنهن جي نالي سان راءِ ڪميشن به جوڙي وئي هئي ائين ئي سنڌ هڪ ڀيرو وري 1939ع ۾ انگريز سرڪار اڳيان دانهيو ته پنجاب بکرا ڊيم جي نالي سان سنڌوءَ جو پاڻي چورائڻ جو ارادو رکي ٿو ان بابت به راءِ ڪميشن واضح طور تي پنجاب جي اهڙي هوڏ کي رد ڪندي حڪم ڏنو ته سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي پهريون حق سنڌ جو آهي نه سنڌو درياهه تي بکرا ڊيم نه وري ٺل ڪئنال يا ڪو ٻيو ڊيم ۽ واهه جوڙي سگهجي ٿو. حالانڪه پهريون حق سنڌوءَ جي پاڻي تي انگريز دور ۾ به سنڌين تسليم ڪيو ويو هو پر منگلا ۽ تربيلا ڊيم جيڪي زبردستي سان جوڙيا ويا ان مان گهربل پاڻي به سنڌ کي نصيب نه ٿيو ان جي ابتڙ منگلا ۽ تربيلا جي متاثرن کي سنڌ ۾ بئراجي زمينون تحفي طور ڏئي کين ترسايو ويو سنڌ سان اهو سلوڪ ماضي جي ڪهاڻي آهي ۽ موجوده جيڪو ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ سنڌ سان ٿئي پيو اهو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي سنڌ جي ماهر حيدرآباد ۾ پاڻي ڊئلاگ واري سيمينار ۾ سندس اڳيان اهو موقف رکيو ته ڪو سنڌوءَ تي ڪو نئون ڊيم ٺاهڻ کان اڳ 1945ع، 1973 ۽ 1991 ع ۾ پاڻي جي حوالي سان ٿيل ٺاهن جي لتاڙ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ وقت منگلا کي ڀرڻ غير قانوني چشما ۽ تونسا لنڪ ڪئنالن کي زبردستي وهائڻ تي سڀ کان پهريان سنڌ واسين کان معافي وٺو. ڳالهه معافي جي ناهي ڇو ته جڏهن ڪنهن به معاهدي تي انگريز سرڪار کان وٺي موجوده وقت تائين سنڌو خلاف سازشون بند نه ٿيون آهن ته هاڻ وري معافي وٺڻ کان پوءِ اهو سلسلو ڪيئن بند ٿي سگهندو اڄ به سنڌ  جي لکين ايڪڙ آبادي سمنڊ جون ويرون چڙهڻ سبب ٺٽي بدين کان وٺي کاروڇاڻ تائين 25 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سمنڊ حوالي ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ جي 19 لک ايڪڙ زمين جيڪا ڪچي تي مشتمل آهي اها به پاڻي جي کوٽ سبب تباهه ۽ برباد آهي ۽ دنيا جا ڇهون نمبر ليکيا ويندڙ سنڌ جا ٻيلا جن جي ايراضي 6 لک 50 هزار ايڪڙ تي آهي جتان لکين مڻ کنئور، ماکي ۽ ڪاٺ جو ٻالڻ مهيا ٿيندو هو اهو به ناهي رهيو، ايتري قدر جو سمنڊ جي ڪنڌيءَ سان 6 لک ايڪڙن تي مشتمل تمر جي وڻن جو ٻيلو هوندو هيو جيڪو سنڌوءَ جي ڇوڙ نه ڪرڻ سبب پاڻي ماهرن موجب هڪ لک ايڪڙن تائين وڃي بچيو آهي جيڪڏهن ائين ئي رهيو ته پوءِ شايد سنڌ ۽ سنڌو جو به نشان نه رهي ۽ هن وقت سموري سنڌ اندر جهڙي نموني سان پاڻي کوٽ ڏسڻ جي لاءِ ملي رهي آهي ان تي ڪوبه سنڌ جو باشعور فرد سنڌو مٿان ڪنهن به نئين ڊيم ٺاهڻ جي حق ۾ ناهي ۽ جيڪڏهن واقعي هن ملڪ جي وزيراعظم ۽ چيف جسٽس صاحب کي پاڻي گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڊيم ٺاهڻا آهن ته پوءِ سنڌ اندر اهڙن ڊيمن ٺاهڻ جو اعلان ڇو نٿو ڪيو وڃي ۽ سچ ته اهو آهي ته جيڪي به پنجاب اندر ڊيم ٺاهيا ويا آهن انهن ڊيمن جي پاڻي مان پنجاب جي غير آباد زمينن کي آباد ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري سنڌ جي ماڻهن جون دانهون جائز آهن ۽ پنجاب جنهن نموني سان پاڻي جي کوٽ هوندي به چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي کولي ڏاڍ جي بنياد تي پاڻي کڻي رهيو آهي ۽ هاڻي وري ارسا ان ساڳي چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ 18 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻندو ان تي ملڪ جي عدليا سنڌي ماڻهن جي انهن تحفطن کي تي اول ختم ڪري ۽ سنڌ جو موقف آهي ته ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کان چشما جهلم لنڪ ڪئنال جي اجازت ان بنياد تي ورتي وئي هئي ته پنجاب جڏهن ٻوڏ واري صورت حال ۾ چشمان جهلم لنڪ ڪئنال کوليندو ۽ کوٽ جي وقت بند رهندو پر هتي ٿي اهو رهيو آهي ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال کوٽ جي وقت کولي وهايو ٿو وڃي ۽ ٻوڏ جي وقت ۾ بند ڪيو ٿو وڃي اهڙي صورت حال سالن کان وٺي جاري آهي ۽ هن وقت تائين سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين سالن کان وٺي آباد ٿيندڙ غيرآباد ٿي وئي آهي ۽ پنجاب جون غير آباد زمينون آباد ٿينديون پيون وڃن اها تازي ملڪي سروي جي رپورٽ آهي ان جي ڪري هن ملڪ جي واڳ ڌڻين کي پنهنجا فيصلا سوچي سمجهي ڪرڻ گهرن ۽ سنڌ اندر پاڻي کوٽ جي مسئلي تي جيڪا احساس محرومي پيدا ٿيل آهي اول ان کي ختم ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا نيب پنهنجو جاچ طريقو تبديل ڪندي…؟

مصطفيٰ جمالي نئب ادارو ڇا ڪري رهيو آهي.؟سڀ ڪجهه درست طريقي سان ڪري رهيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے