14 بدھ , نومبر 2018

پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي حاضري کان مستقل ڇوٽ

Khor Maneka Taqar: The decision to stay in line with the matter by the Prime Ministerاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت پي ٽي وي، پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد جي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت ۾ پي ٽي وي حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران عمران خان طرفان سندس وڪيل بابر اعواڻ پيش ٿيو ۽ وزيراعظم جي حاضري کان مستقل ڇوٽ جي درخواست ڪئي.بابر اعواڻ چيو ته جوابدار هڪ کان وڌيڪ هجن ته جوابدار جوابدارن کي حاضري کان ڇوٽ ملي سگهي ٿي. ان موقعي تي پراسيڪيوٽر چيو ته عمران خان کي حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ تي اسان کي ڪو به اعتراض ناهي. عدالت عمران خان کي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏئي ڇڏي.عمران خان طرفان بابر اعواڻ حلفي بيان جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته وزيراعظم بدران مان پيش ٿيندس ۽ ڪيس جي ڪنهن به موقعي تي عدالت چيو ته عمران خان حاضر ٿي ويندو. ٻئي طرف ڪيس ۾ نامزد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي واري وزير اسد عمر، جهانگير ترين، اعجاز چوڌري، شفقت محمود، عليم خان ۽ سيف الله نيازي کي به حاضري کان ڇوٽ ملي وئي آهي. اسلام آباد جي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے