20 منگل , نومبر 2018

ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌي ويو آهي: وڏي وزير جو اعتراف

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌڻ جو اعتراف ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گورنر عمران اسماعيل قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه مهينن دوران اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿيو آهي، نگران حڪومت ۾ پوليس ۽ امن امان بدران چونڊن تي زور ڏنو ويو، محرم الحرام کانپوءِ اهڙيون پاليسيون ٺاهبيون جو ڏوهن تي ضابطو اچي سگهي. هن چيو ته بلديه سانحي ۾ انسانيت سان ظلم ڪيو ويو، ملوث جوابدارن کي هر صورت ۾ سزا ملڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته  هر صورت ۾ ملڪي آئين تي هلڻو آهي، ملڪ ۽ صوبي کي ترقي ڏيڻي آهي، سنڌ کي امن جو آسٿان بڻايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے