18 اتوار , نومبر 2018

نوان واعدا، نيون اميدون

مهتاب اڪبر راشدي

2018ع جون چونڊون ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ جڙندڙ حڪومتون مرڪز کان وٺي صوبن تائين چرڻ شروع ٿي ويون آهن، شڪ شبها ۽ بي اعتماديون، سياسي پارٽين ۽ ادارن جي وچ ۾ موجود به آهن ۽ ظاهر به ٿين پيون، عمران سرڪار به پنهنجن تڪڙن فيصلن کان اڃا مڙي نه ٿي، ڪڏهن کين سندن بي وقت به بلا ضرورت بيان بازيون ڳچيءَ ۾ پئجي ٿيون وڃن، ته وري ڪڏهن ڪجهه تڪڙ ۾ ڪيل فيصلا واپس وٺڻا ٿا پون، لڳي ٿو ته معاملا سمجهڻ ۾ نئين ”ڄاول“ سرڪاري ڌر کي اڃا ڪجهه وقت لڳندو، منتشر کاٻي ڌر، مرڪز کان وٺي صوبن تائين منتشر ئي آهي، مرڪز ۾ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي هڪ ٻئي کي پٺي ڏئي بيٺيون آهن ته صوبن ۾ به ساڳيو ، سنڌ ۾ ئي کڻي ڏسو جتي تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي به ڌار ڌار پنهنجن معاملن کي ڏسندا، اتي وري انهن پارٽين جي اندروني ڌڙي بازي به انهن لاءِ مٿي جو سور ٿي سگهي ٿي. بلوچستان ۾ وري تحريڪ انصاف، عوامي نيشنل پارٽي جي حڪومت کان پنهنجي لاءِ انصاف پئي گهري.

هر پارٽي پنهنجي سياسي موجودگيءَ کي برقرار رکڻ ۽ پنهنجي موجود هئڻ جي پڪ ڏيارڻ ۾ پوري آهي ۽ ڏينهن ۾ ڏهه پريس ڪانفرنسون ڪري معاملن کي جيترو خراب ڪري سگهڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا تنهن ۾ ڪا ڪسر به ڪا نه ٿا ڇڏين. ڇو ته خير سان ملڪ ۾ جمهوريت اچي وئي آهي سندن هر عمل مان جمهوريت جو حسن هاڻي نيسارا ڪري پيو وهي.

پاڪستان ۾ اڄ ڪلهه هڪ ئي وقت ۾ ڪيترا مسئلا ڪر کنيو بيٺا آهن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ به حڪومت چوطرفي ويڙهه پئي وڙهي. پوئين هفتي نئين صدر جي چونڊ ٿي گذري ۽ تحريڪ انصاف جي وزيراعظم کان پوءِ ملڪ جو صدر به ساڳي پارٽي مان چونڊجي آيو، اهڙي طرح ان ڳالهه جي پڪ ٿي ته ايوان صدر مان به وزيراعظم جي ڪيل فيصلن ۽ اسيمبليءَ مان موڪليل قانونن جي منظوري ۾ ڪو به ٽنگ نه اٽڪائيندو.

هن دفعي ڇهين سيپٽمبر به ”عسڪري“ ادارن وڏي طمطراق سان ملهايو، وڏي پيماني تي تشهيري مهم شروع ڪري پوري قوم کي ”اسان کي پيار آهي، پاڪستان سان“ جي نعري سان هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ تي آماده ڪيو ويو، سندن ان ڪوشش مان اها ڳالهه واضح ٿي ته هاڻي فوج به چاهي ٿي ته سندن کنيل قدمن ۽ توقير کي وڌائڻ لاءِ قوم جي شرڪت کي لازمي بڻائجي، هنن لاءِ اهو لازم ٿي ويو آهي ته ان اداري متعلق وقت به وقت اٿندڙ منفي تاثر جي ڪري عوام ۽ اداري جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ويڇن کي ختم ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ سندن اداري جي هڪ ايجنسي پاران ماڻهن کي کنڀي کڻي وڃڻ، ماڻهن جي گمشدگي ۽ انهن مان ڪجهه جو چچريل لاش جي صورت ۾ رستن تان لڀڻ تي ملڪ جي مقتده اداري اعليٰ عدليا به سوال اٿارڻ شروع ڪيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ ڪي ٻڌڻيون به ڪيون ويون آهن.

اهو به پهريون دفعو ٿيو ته ڇهين سيپٽمبر تي فوجي هيڊ ڪوارٽر ۾ يوم شهداءِ جي تقريب ۾ ملڪ جي وزيراعظم کي پهريون ڀيرو خاص مهمان طور مدعو ڪيو ويو. انهيءَ ئي تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان جي ”في البديهه“ (زباني) ڪيل تقرير ۾ ٻه چار اهڙا نڪتا هئا جيڪي ملڪ ۾ بحث جو موضوع بڻجي ويا، اڪثر ماڻهن کي سندس هي لفظ شهيدن جي وارثن جي سامهون چوڻ مناسب نه لڳا ته ”هي جنگ اسان جي جنگ نه هئي“ جي اهو سچ آهي ته پوءِ پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏيندڙ ڪنهن جي پاران پئي وڙهيا؟. حالانڪه عمران خان جو ايئن چوڻ شهداءِ جي قربانين جي نفي ڪرڻ هرگز نه هيو، بلڪه هن پاڪستان جي ان خارجه پاليسيءَ طرف اشارو ڪيو، جنهن جي ڪري پاڪستان پوين چاليهن سالن کان هڪ موتمار جنگ ۾ وڪوڙجي ويو آهي ۽ ان مان نڪرڻ به هڪ معجزو ئي ٿيندو.

شايد عمران خان اڃا سياست ۽ سفارت ڪاري جي فرق کي نه سمجهي سگهيو آهي ۽ اهو به کيس سمجهڻو پوندو ته خاص موقعن تي ڪهڙن لفظن جو استعمال ڪجي ۽ گفتگو کي توري تڪي ڪيئن ڳالهائجي، اهو ئي سبب آهي جو اهڙن سنجيده موقعن تي مملڪت جا سربراهه هميشه لکيل تقرير پڙهندا آهن ته جيئن ڪو ابهام نه رهجي وڃي ۽ ڪٿي به ڪنهن قسم جي اعتراض ۽ تنقيد جي گنجائش نه رهي.

تڪڙ ۾ ڪيل فيصلا ۽ جلدبازيءَ ۾ جذباتي بيان بازي ۽ ڪيل واعدا به هن حڪومت ۾ واپس ورتا پيا وڃن. اقتصادي ڪائونسل ۾ کنيل عاطف ميان جي رڪنيت کي سندس قادياني هئڻ جي ڪري مولوين ۽ مذهبي ڌرين جي ٻن چئن دڙڪن کان پوءِ ختم ڪرڻ عمران خان لاءِ ڦڪائي جو سبب بڻي آهي. ان جي نتيجي ۾ ٻن ميمبرن احتجاج طور پاڻ ان ڪائونسل تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، انهن ڳالهين کي ڏسندي ٽي وي جي گفتگو وارن پروگرامن ۾ بجا طور تي اهو سوال اٿاريو پيو وڃي ته جي ايڇ ڪيو ۾ شهداءِ کي خراج تحسين پيش ڪرڻ واري تقريب ۾ عمران خان جي بحيثيت وزيراعظم اها دعويٰ ڪرڻ ڪيتري دور رس رهندي ته ”پاڪستان هاڻي ٻئي ڪنهن جي جنگ نه وڙهندو“.

پاڪستان جي 71 سالن جي تاريخ ۾ جيڪي جنگيون وڙهيون ويون آهن، تن ۾ سن 1948ع ۽ 1949ع واري ڪشمير جي معاملي تي ڇهه مهينا جنگ هلي، 1965ع ۾ سترهن ڏينهن جي ويڙهه ٿي ۽ 1971ع ۾ جيڪا جنگ هلي تنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جو اوڀر وارو حصو ڇڄي ڌار ٿيو ۽ هڪ نئين ملڪ جي صورت ۾ نمودار ٿيو، ڪارگل جا چار مهينا به چڱي ڌما چوڪڙي رهي، اها ته وري اهڙي جنگ هئي جنهن جي نه شروع ٿيڻ جي ملڪ کي خبر پئي ۽ نه ئي ختم ٿيڻ جي پر ان جا پيدا ڪيل مسئلا ۽ ڇڏيل نشان اهڙا آهن جن مان اڃا تائين پاڪستان آجو نه ٿي سگهيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي سفارتي تعلقات جي خرابيءَ ۾ ڪارگل جو وڏو عمل دخل آهي.

پر انهن سڀني ننڍن وڏين ۽ خوفناڪ جنگين کي ڇڏي، افغانستان جي جنگ ته پوين چاليهن سالن کان ڄڻ ته اسان جي زندگين جو حصو بڻجي وئي آهي ايتريقدر جو اسان کي ڄڻ ته اها خبر ئي ڪا نه ٿي پوي اسان ان طويل عرصي کان جنگ جي حالت ۾ آهيون، ڪيتري نه حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته اهو به سڀني کان شايد وسري ويو آهي ته اها جنگ ڪنهن اسان تي زوري ڪو نه مڙهي هئي، بلڪه جنرل ضياءَ الحق پاڻ اڳتي وڌي پاڪستان کي ان عذاب ۾ مبتلا ڪيو، مذهب جي نالي ۾ شروع ڪرڻ واري جنگ لاءِ طالبان پيدا ڪرڻ وارا به اسان پاڻ هئاسين ته اڄ انهن مان جند ڇڏائڻ لاءِ پريشان به پاڻ ئي آهيون، اهو اسان کي ڇو ياد نه ٿيو ته آمريڪا ۽ سعودي عرب کان وڌيڪ ان وقت جو عسڪري آمر ان معاملي ۾ سڀ کان اڳڀرو هو.

پاڪستان جون پويون چار جنگيون هڪ طرف ۽ افغانستان واري هيءَ مسلسل جنگ ٻئي طرف!. پاڪستان جو جيترو جاني نقصان انهن چاليهه سالن ۾ ٿيو آهي، تنهن جو ته ڪاٿو ڪريو! اسان جي سماجي زندگي، اقتصادي پستي، ۽ مالي تباهي جا اڃا تائين ته اهي سڄا انگ اکر جيڪي سامهون آيا آهن آخري نه ٿا چئي سگهجن، ڇو ته جنگ اڃا جاري آهي. انهيءَ جنگ جي نتيجي ۾ ڪي سڃا ”ڊالر خان“ ٿي ويا. اوجهڙي ڪيمپ جي سانحي جتي بيشمار حياتيون چٽ ڪيون، اتي ڪيترن فوجين جا وارا نيارا ٿي ويا.

انهيءَ جنگ جي نتيجي ۾ خاص طور تي اسان جو ملڪ، خطو ۽ دنيا منشيات هيروئن کان آشنا ٿي ڪلاشنڪوف سان گڏوگڏ ٻيا گهڻائي هٿيار اسان جي هٿن ۾ اچي ويا ۽ سڀ کان وڏو ته ”ڪاري ڌن“ جهڙا لفظ اسان جي روز مره جي گفتگو ۽ سياسي ڪاروهنوار جو حصو بڻجي ويا. اڄ اسان هر طرح جي انتهاپسنديءَ ۾ سڀني کان مٿي آهيون پوءِ چاهي اها مذهبي انتهاپسندي هجي يا معيشت جي پستي. اسان پاڻ سان پاڻ به ڏاڍي ڪئي آهي.

سو قصو هاڻي اچي اتي پهتو آهي ته جڏهن پاڪستان جو وزيراعظم جي ايڇ ڪيو ۾ بيهي قوم سان اهو واعدو ٿو ڪري ته اڳتي پاڪستان جنگ جو حصو نه بڻبو ته اهو به سوچڻو پوندو ته هن خطي جا اهي ملڪ جيڪي اسان جا پاڙيسري به آهن، سي ان معاملي کي ڪيئن ٿا ڏسن؟.

سعودي عرب، آمريڪا، چين ۽ ايران ۽ روس جا تاثرات ڇا هوندا؟ هندوستان ۽ آمريڪا ته هونئن به اسان جي حواسن تي سوار آهن ۽ آمريڪا جو روزانو ”ڊو مور“ جو هڪ ڊوز اسان جي نيرن جو حصو آهي، ان سڀني زميني حقيقتن کي ڏسندي اهو واعدو وفا ڪرڻ ۾ وزيراعظم پاڪستان ڪيتري قدر ڪامياب ٿي سگهندو؟ ڇو ته سياست ۽ سفارتڪاري جون گهرجون ڪجهه مختلف ٿينديون آهن.

شايد ايئن به آهي ته اسان زماني جا ٿڦيڙا کائي ڪجهه سکي چڪا آهيون، شايد اهو احساس به جاڳي چڪو آهي ته دنيا ۾ عزت سان جيئڻو آهي ته پراڻي راهه مٽائڻي پوندي. سوچجي ته سهي ته اسان جي آمدني جا ذريعا آهن ڪهڙا؟ نه صنعت ۽ نه ئي زراعت، رڳو پِنَ تي گذارو آهي، هر سال تيار ڪيل بجيٽ جي اندر ته ملڪه ڪڏهن رهيو ئي ڪونهي ۽ اسان جو خرچ هر سال ڏهوڻ تي وڌيڪ هوندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ نئين حڪومت نئين سياسي قيادت  جا بي شمار واعدا ۽ اڻ ڳڻيون اميدون اسان اڳيان موجود آهن، احتساب جي تلوار گهڻن ئي جي مٿان پئي لٽڪي، صوبا به انصاف جا گهرجائو آهن. ملڪي وسيلن جي انصاف جوڳي ورڇ به ڪڏهن ڪو نه ٿي آهي، ان جي ڳڻ ڪرڻ گهرجي، سنڌ ۽ بلوچستان کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڪو نه ٿو ملي، ڇا وزيراعظم پاڪستان ان لاءِ به ڪو جوڳو بندوبست ڪندو؟ اڃا ڪٿي ڳالهه پئي آهي؟ اڃا ته نئين حڪومت جي شروعات ٿي آهي.. اڃا ته پنڌ پري تمام پري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے