18 اتوار , نومبر 2018

حد کان وڌيڪ چانهه پيئڻ انساني صحت لاءِ نصانقڪار : ماهر

The maximum loss of teaڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ چانهه جي مقبوليت کان انڪار ممڪن ناهي ۽ اهو گرم مشروب دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ پڻ پسند ڪيو ويندو آهي. مختلف تحقيقي رپورٽن ۾ چانهه نوشي جي عادتن جا فائدن جو ذڪر ٿيو آهي جنهن کي وقت کان اڳ دماغي تنزلي کان تحفظ، مخصوص قسمن جي ڪينسر، فالج، دل جي بيمارين ۽ شگر جو خطرو گهٽ ٿيڻ وغيرا. جڏهن ته ان جو حد کان وڌيڪ استعمال صحت لاءِ نقصانڪار پڻ ٿي سگهي ٿو ۽ چانهه کي اعتدال ۾ رهي ڪري وپرائڻ گهڻو بهتر ٿيندو .

ننڊ جا مسئلا

چانهه ۾ موجود ڪيفين پيشاب گهڻو اچڻ جو سبب بڻجندي آهي، خاص طور تي جيڪڏهن تمام گهڻي چانهه پي وڃي  ته ، اهڙي طرح يا ننڊ نه اچڻ يا ٻين مسئلن جو خطرو پڻ وڌي ويندو آهي.

قبض

چانهه ۾ موجود هڪ ڪيميڪل Theophulline خوراڪ جي هضم ٿيڻ واري عمل دوران ڊي هائيڊريشن جو سبب بڻجي سگهي ٿي جيڪا قبض جو شڪار بڻائي ڇڏيندي آهي. جيتوڻيڪ چانهه آنڊن جي حرڪت يا قبض کان بچاءُ لاءِ فائيديمند پڻ مڃو ويندو آهي پر چانهه  جي گهڻي استعمال قبض جو شڪار بڻائڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي.

ذهني پريشاني

ڪيفين کي مزاج تي اثرانداز ٿيڻ مقبول ڊرگ پڻ مڃو ويندو آهي جيڪو مثبت سان گڏ جسم تي منفي اثر پڻ ڇڏيندو آهي، گهڻي چانهه وپرائڻ سان ننڊ نه اچڻ، ذهني پريشاني ۽ دل جي ڌڙڪن جي رفتار وڌڻ جو خطرو هوندو آهي.

مثاني جو ڪينسر

 اهو تمام گهڻي چانهه پيئڻ جو سڀ کان وڏو نقصان هوندو آهي، هڪ تحقيق موجب جيڪي مڙد گهڻي چانهه واپرائيندو آهن، انهن ۾ مثاني جي ڪينسر جو خطرو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي.

رت جا مسئلا

چانهه ۾ موجود ڪيفين رت جي شريانين جي نظام لاءِ  گهڻو سٺو ناهي ۽ ان کي گهڻي مقدار ۾ جسم جو حصو بڻائڻ دل جي بيماري جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٿولهه عورتن لاءِ نشي کان به وڌيڪ خطرناڪ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) جيتوڻيڪ زندگي ۽ موت جو واسطو سگريٽ واپرائڻ يا ٿولهه سان ناهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے