15 جمعرات , نومبر 2018

وزيراعظم عمران خان جلد سعودي عرب جو دورو ڪندو

Prime Minister Pokhisin will be Pakistan's son: Prime Ministerاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جلد سعودي عرب جو دورو ڪندو. هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان جلد سعودي عرب جو دورو ڪندو پر سندس دوري جي تاريخ جو فيصلو اڃا نه ٿيو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم جو پهريون سعودي عرب جو پرڏيهي دورو هوندو جنهن جي تيارين کي آخري شڪل ڏني وئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم سعودي عرب جي دوري دوران سعودي جي بادشاهه ۽ ولي عهد سميت اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان دوري دوران عمرو ادا ڪندو ۽ نبي صلعم جي روضي تي به حاضري ڀريندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

لاهور ( ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے