16 جمعہ , نومبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج  وڌيڪ ٽن ڪشميرين شهيد کي شهيد ڪري ڇڏيو

The Indian army in Waziristan has killed three three martyrsسرينگر( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي دوران فائرنگ ڪري وڌيڪ ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ميڊيا جي رپورٽن موجب والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جي نتيجي ۾ ٻن ڪشميري نوجوانن سميت هڪ پي ايڇ ڊي اسڪالر شهيد ٿي ويا. هنڊواوا ضلعي ۾ سرچ آپريشن دوران قابض ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 18 ورهين جو فرقان ۽ لياقت احمد شهيد ٿي ويا. ٻئي پاسي سرينگر جي علائقي ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 42 ورهين جي پي ايڇ ڊي اسڪالر عبدالغني کي شهيد  ٿي ويو ، ان دوران احتجاج ڪندڙن کان بچڻ لاءِ سڄي ضلعي ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي جڏهن ته اسڪول پڻ بند ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته گذريل مهيني والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي ڪاروائين دوران  34 ڪشميرين کي شهيد ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري سريلنڪن وزيراعظم راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي قرارداد منظور

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن پارليامنٽ تڪراري وزيراعظم مهندا راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے