13 منگل , نومبر 2018

نائين اليون جا پاڪستان تي پوندڙ اثر

9/11 impact on Pakistanڪراچي( ويب ڊيسڪ ) 11 سپٽمبر 2001 اها تاريخ آهي جڏهن دهشتگردن آمريڪي ترقي جي سڃاڻپ ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي نشانو بڻايو ۽ نيويارڪ جي مٿي جو  ٽڪو ورلڊ ٽريڊ سينٽر ڏسندي ئي ڏسندي ملبي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو، پر ان سان گڏ ئي دنيا جي تاريخ  به بدلجي وئي. نائن اليون واري واقعي کي 17 ورهيه وهامي چڪا آهن، پر ان حملي بعد شروع ٿيندڙ جنگ جي باهه اڃان تائين اوجهامي ناهي سگهي. ان ڏينهن تي آمريڪي ايئر لائن جا ٻن مسافر جهاز 18 منٽن جي وقفي سان ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ٻنهي عمارتن سان ٽڪرايا هئا، ان واقعي ۾ لڳ ڀڳ 3 هزار انساني زندگيون موت جو کاڄ بڻيون. ان حملي کان ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي اُن وقت جي صدر جارج بش دهشتگردي خلاف جنگ جو اشارو ڏنو، جنهن جي شروعات 7 آڪٽوبر تي افغانستان ۾  ”آپريشن اينڊيورنگ فريڊم“ جي نالي سان ڪئي وئي. نائين اليون حملن بعد سڄي دنيا ۾ پاڪستان آمريڪا جو سڀ کان اهم ۽ دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن اتحادي بڻجي سامهون آيو. اڳوڻي صدر پرويز مشرف جتي افغان طالبان خلاف آمريڪي ۽ نيٽو سپلائي لاءِ پاڪستاني سرحدون کولي ڇڏيون، اتي ئي قوم کي ٻڌائڻ کانسواءِ پاڪستاني هوائي اڏا ۽ ٻيون عسڪري سهولتون پڻ آمريڪا کي فراهم ڪيون ويون. بلوچستان، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جا هوائي اڏا ۽ ايئراسٽرپس سان نه رڳو ويڙهاڪ جهازن ۽ ڊرونن ذريعي سڌو سنئو افغان طالبان تي حملا ڪيا ويندا هئا پر انهن ئي سهولتن سان پاڪستان جي پڻ جاسوسي ٿيندي رهي. ايتريون سهولتون ڏيڻ باوجود به ڪڏهن پاڪستان کان ”ڊومور“ جو مطالبو ڪيو ويو ته ڪڏهن ”ڪوليشن سپورٽ فنڊ“ روڪي پاڪستان کي بليڪ ميل ڪيو ويو. ايسيتائين جو پاڪستان تي ڪڏهن طالبان جي حمايت ته ڪڏهن وري ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي غلط استعمال جا الزام پڻ مڙهيا ويا.  پاڪ- آمريڪا لاڳاپن جي ڏار آمريڪي سي آءِ اي اهلڪارن جي ڌڙا ڌڙ آمد سان پوڻ شروع ٿي ۽ بي اعتمادي وڌڻ لڳي. سي آءِ اي ڪانٽريڪٽر ريمنڊ ڊيوس جي هٿان لاهور ۾ ٻن ماڻهن جي قتل، القاعدا سربراهه اسامه بن لادن جي ڳولها لاءِ ڊاڪٽر شڪيل آفريدي ذريعي پوليو ٽوڙ مهم جي آڙ ۾ جاسوس ۽ پوءِ ايبٽ آباد آپريشن، سلاله پوسٽ تي نيٽو جي هٿان 24 پاڪستاني فوجين جو شهيد ٿيڻ ۽ پوءِ نيٽو سپلائي تي بندش سان پاڪ-آمريڪا لاڳاپا خراب کان خراب تر ٿيندا ويا. گذريل ڪيترن کي ورهين کان آمريڪا پاڪستان تي دهشتگردي خاص طور حقاني نيٽ ورڪ کي محفوظ پناهه گاهون ڏيڻ جا الزام مڙهي رهي آهي اتي ئي هاڻ 17 ورهين کان هلندڙ افغان جنگ جي ناڪامي جو ذميوار پڻ پاڪستان کي قرار ڏنو پيو وڃي ۽ ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هلندڙ سال جي شروعات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيا جڏهن پهرين جنوري تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو هو ته اسان گذريل 15 سالن دوران پاڪستان کي 33 ملين ڊالر امداد ڏئي ڪري چريائي ڪئي جڏهن ته بدلي ۾ پاڪستان اسان کي ڌوڪي ۽ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. بعد ۾ اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ پڻ پاڪستان جي سڪيورٽي سهڪار معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جڏهن ته پاڪستان کي مذهبي آزادي جي مبينا سنگين ڀڃڪڙي ڪندڙ ملڪن بابت خاص واچ لسٽ ۾ پڻ شامل ڪرايو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے