17 ہفتہ , نومبر 2018

ڪرپٽ عنصر دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هليا وڃن، پيڇو ڪنداسين: نيب چيئرمين

Nawaz Sharif to transfer money to Nawaz Sharif: Chairman NAB will be present before the committee committee todayاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته مان پنهنجي زندگي جي آخري اننگز کيڏي رهيو آهيان، چاهيان ٿو ته ڪامياب رهي، غلطين ۽ ڏوهن ۾ فرق هوندو آهي، نيب جو ڪنهن ٽولي يا شخص سان ڪو به تعلق ناهي، اسان عوام جي ڦريل دولت مالڪن تائين پهچائينداسين.  اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو ته جن وٽ 90 ۾ موٽرسائيڪل هئي انهن وٽ هاڻي دبئي ۾ ٽاور آهن، خانگي هائوسنگ اسڪيمن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، خانگي هائوسنگ اسڪيمن وارن غريبن جي منهن مان گرهه کسيو آهي، گهر جو خواب ڏسندڙ در در جا ڌڪا کائيندا آهن، ڪرپشن ڪندڙ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ وڃن، نيب سندن پيڇو ڪندي جيڪي واپاري ٺيڪ ڪم ڪري رهيا آهن کين ڪير به هيسائي نه ٿو سگهي. جاويد اقبال چيو ته ڪجهه بلڊرن جو چوڻ هو ته نيب چيئرمين کي خريدڪري وٺندا، اهو وقت گذري ويو جڏهن واپارين جي هڪ طبقي کي سهولتون ڏنيون وينديون هيون، هر سفارش ۽ اثر نيب جي گيٽ اندر ختم ٿي ويندي آهي.  جاويد اقبال چيو ته هڪ طبقي کي نوازيو وڃي ٻي جي دل آزاري ڪئي وڃي ايئن نه ٿيندو. هن چيو ته آخري اننگز کيڏي رهيو آهيان ۽ چاهيان ٿو ته اها ڪامياب رهي، ڪرڪيٽ جو مثال تنهن ڪري ڏئي رهيو آهيان جو اڄ ڪلهه  اهو ئي ڏنو ويندو آهي، غلطين ۽ ڏوهن ۾ فرق هوندو آهي، نيب جو ڪنهن گروپ يا شخص سان تعلق ناهي، عوام جي ڦريل دولت مالڪن تائين پهچائي ويندي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي قرضي ڪندڙن کان جواب طلب ڪرڻ منهنجي فرضن ۾ شامل آهي. جاويد اقبال چيو ته نيب ۽ حڪومت اربين ڊالر واپس آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے