15 جمعرات , نومبر 2018

ايپل جي ماڊل آءِ فون ايڪس سي جون تصويرون ليڪ

Apple Model Models iPhone XC Junior Imagesڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مشهور ٽينڪالوجي ڪمپني ايپل جي نئين آءِ فون ماڊل ايڪس سي جون تصويرون متعارف  ٿيڻ کان اڳ ئي ليڪ ٿي ويون. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بين ڪيسگن نالي هڪ واهپيدار آءِ فون ايڪس سي جون ڪجهه ڊمي تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ ٻڌايو ويو ته آءِ فون ايڪس سي، 6.1 اينچ ايل سي ڊي وارو موبائيل فون هوندو. جيتوڻيڪ آءِ فون ايڪس امڪاني طور تي 12 سپٽمبر تي منعقد ٿيندڙ هڪ ايونٽ ۾ متعارف ڪرايو ويندو، پر ماڊل جون تصوريون ليڪ ٿيڻ مان معلوم ٿيو آهي ته  آءِ فون ايڪس سي گلاس بيڪ ۽ سنگل ريئر ڪيمرا سان گڏ هوندو. اها فون واهپيدارن لاءِ مختلف رنگن ۾ موجود هوندي، جن ۾ اڇو، اسپيس گري، روز گولڊ ۽ ڳاڙهو رنگ شامل هوندو. امڪان آهي ته ان ڊوئل سم ڪارڊ سان گڏ پيش ڪيو ويندو جيئن ته ان کان اول ايپل ڪمپني طرفان ڊوئل سم ڊيوائيس متعارف ڪرائڻ جو اشارو ڏنو ويو هو. في الحال آءِ فون ايڪس سي جي قيمت جي حوالي سان تفصيل منظر عام ته ناهن آيا. واضح رهي ته آءِ فون ايڪس سي سان گڏ ايپل جا 3 نوان آءِ فون ماڊل پڻ متعارف ڪرايا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رت ۾ آڪسيجن جو مقدار ماپڻ وارو لچڪدار آڪسي ميٽر تيار

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)اسپتالن ۾ آڪسي ميٽر ته جامد هوندا آهن جنهن کي آڱر تي پارائي جسم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے