18 اتوار , نومبر 2018

نائيجيريا ۾ گئس لائين ڦاٽڻ وارن واقعن ۾ 58 ڄڻا فوت

Gas-fierce extruders in Nigeria have died 58 timesابوجا( ويب ڊيسڪ ) نائيجيريا ۾ گئس ڊپو ۽ پائيپ لائين ڦاٽڻ وارن واقعن ۾ گڌيل طور تي 58 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نائيجيريا جي رياست ناساروا جي گادي واري شهر لافيا جي مرڪزي شاهراهه تان گذرندڙ گئس لائين ڦاٽڻ سبب ڪيتريون گاڏيون سڙي رک ٿي ويون جنهن جي نتيجي ۾ 40 ڄڻا فوت ٿي ويا.اکين ڏٺڻ شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي بعد باهه جي شعلن کي آسمان کي ڇهندي ڏٺو. اهو هانَو ڏاريندر منظر هئا جنهن ۾ ڪجهه سيڪنڊن اندر ڪيتريون ئي گاڏيون سڙي خاک ٿي ويون. ڪيترائي زخمي برن وارڊن ۾ علاج هيٺ آهن. ٻئي پاسي نائيجيريا جي شهر وارري ۾ هڪ گئس ڊپو جي سپلائي لائين ڌماڪي سان ڦاٽي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 18 ڄڻا پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته پنج ڄڻا زخمي آهن جن کي ويجهي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي. واضح رهي ته هلندڙ سال دوران نائيجيريا ۾ گئس پائيپ لائين ڦاٽڻ جو اهو ٽيون واقعو آهي. جنوري ۾ هڪ گئس ڊپو ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے